عيد لاءِ آيل مزدور جي گهران چوري، انصاف جي اپيل

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) ٻنون ٿاڻي  جو ايس ايڇ او ڪاروائي ڪرڻ بدران رڳو مونکي رلائي رهيو آھي مون مسڪين جي پورهئي جي ڪمائي 17500 منهنجي اکين اڳيان جوابدار  منهنجي قميض جي کيسي مان ڪڍي فرار ٿي ويو ايس ايس پي سجاول ميڊم سهائي عزيز نوٽيس وٺي مون کي منهنجي پگهر جي پورهئي جي ڪمائي جا پئيسا واپس ڪرايا وڃن تعلقي مير پور بٺوري جي ڳوٺ حاجي ابڙو جي رهواسي محمد هاشم پٽ خير محمد سولنگي ٻڌايو ته آئون ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آھيان عيد تي ڳوٺ آيس، قميض ديوار ۾ ٽنگي آئون سمهي رهيس جڏھن فجر جي نماز لاءِ اٿي وضوء ڪرڻ نلڪي تي ويس ته ڏٺم ته منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ نالي اعظم عرف گونگو پٽ شيرو مڱڻھار منهنجي گهر م منهنجي ديوار م ٽنگيل  قميض مان پئسا ڪڍي رهيو هو جنهن کي مون هڪل ڪئي ته پئسا ڪڍي قميض اڇلائي فرار ٿي ويو جنهن جي دانهن مون ڳوٺ جي چڱن کي ڏني پر منهنجي ڪنهن به نه ٻڌي جنهن بعد آئون ٻنون ٿاڻي  تي ويس جتي مون جوابدار خلاف اين سي پڻ داخل ڪرائي پر ٻنون پوليس ٽي ڏينهن گذرڻ بعد به ڪا ڪاروائي نه ڪئي آھي هن چيو ته آئون محنت مزدوري ڪري پنهنجي ٻچڙن کي عيد ڪرائڻ لاء پئيسا کڻي آيس سي به کڄي ويا مٿان عيد به اچي وئي آھي هاڻ منهنجا معصوم ٻچڙا عيد ڪئين ڪري سگهندا هن ايس ايس پي سجاول ميڊم سهائي عزيز ٽالپر ڊي ايس پي بٺورو ۽ ٻين وس وارن عملدارن کان اپيل ڪندي گهر ڪئي ته خدارا مون مسڪين جي سخت پورهئي جي ڪمائي جا پئسا واپس ڪرايا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو