عيد تي مسافرن لاءِ 4 اسپيشل ريل گاڏيون هلائڻ جو فيصلو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مسافرن جي لاءِ 4 اسپيشل عيد ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. راولپنڊي کان ملتان جي لاءِ اسپيشل عيد ٽرين جي ڇنڇر 25 جولاءِ کان ايڊوانس بڪنگ به شروع ڪئي وئي آهي. جڏهن ته 27 جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين 5 ڏينهن تائين سڀني ريل گاڏين ۾ هڪ هڪ واڌو  بوگي لڳائي ويندي. راولپنڊي کان ڪراچي ويندڙ گرين لائنز ايڪسپريس جي لاءِ 27 جولاءِ کان 30 جولاءِ تائين روزانو هڪ اڪانومي ڪلاس ڪوچ لڳائي ويندي.جڏهن ته 3 اسپيشل عيد ٽرينون 27، 28 ۽ 29 جولاءِ کان ڪراچي کان راولپنڊي ۽ پشاور جي لاءِ هلنديون. ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ريلوي سيد منور شاهه صحافين کي ٻڌايو ته هن ڀيري اسان جو فوڪس وڌيڪ اڪانومي ڪلاس آهي اسان هر ڪوچ جون 60 سيڪڙو سيٽون بڪنگ ڪري رهيا آهيون. سوشل ڊسٽنس واري ايس او پيز موجب 40 سيڪڙو سيٽون خالي رکيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو