عيد ايڊوانس پگهار نه ملڻ خلاف ملازمن جو احتجاج

شهدادڪوٽ ( ڊ  ر)ميونسپل ملازمن پاران عيد جي پگهار نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، شهدادڪوٽ ۾  ميونسپل ايمپلائيز يونين جي سڏ تي عيد جي ايڊوانس پگهار نه ملڻ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ ٻهارا کڻي ميونسپل آفيس کان بنده علي تونيو، مقبول احمد شاهاڻي، وزير مگسي، رياض شيخ، اعجاز مگسي، وحيد تونيو، اعجاز مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري جلوس ڪڍيو ويو. هنن چيو ته ايڊوانس عيد جي پگهار نه ملڻ سبب هنن جي ٻارڙن عيد جي خريداري ناهي ڪئي ، هنن چيو ته ريگيولر ۽ ڪچن ملازمن کي پگهارون ڏئي ميونسپل ملازمن ۾  پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. هنن وزير اعلي سنڌ سميت بلديا جي وزير ۽ ٻين وس وارن کان  مطالبو ڪندي چيو ته ملازمن کي عيد جو پگهارون جاري ڪري  عيد جي موقعي تي معاشي مسئلن کان بچايو وڃي، هنن مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو