عيدميلاالنبي جون تقريبون عقيدت ۽ احترام سان جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ آخري نبي حضرت محمد صلي الله علي وسلم جي يوم ولادت جو ڏينهن عقيدي ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ جلسا جلوس ۽ ميلاد جون محفلون به ٿي رهيون آهن. اڄوڪي ڀلاري ڏينهن جي موقعي تي ملڪ جي راجڌاني شهر اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي راجڌاني شهرن ۾ 21،21 توپن جي سلامي ڏني وئي. صبح جي نماز کانپوءِ مسجدن ۾ مسلمانن جي اتحاد ۽ ڀائيچاري سميت ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. جڏهن ته رحمت اللعالمين صلي الله عليه وسلم جي ولادت جي خوشي ۾ سڄي ملڪ ۾ مسجدن، گهرن ۽ بازارن کي چمڪندڙ ۽ رنگا رنگ بتين ۽ جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي. مذهبي وزارت پاران ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي موقعي تي ڪانفرنس ٿي رهي آهي.ڪانفرنس جي افتتاحي مرحلي جي صدارت صدر مملڪت عارف علوي جڏهن ته آخري مرحلي جي سربراهي وزيراعظم عمران خان ڪندو. اڄوڪي ڏينهن جي موقعي تي صدر مملڪت عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان پنهنجي جاري ڪيل الڳ الڳ پيغامن ۾ مسلمان ملڪن جي سربراهن تي زور ڀريو آهي ته اهي سمورا گڏجي حرمت رسول جي تحفظ لاءِ عالمي ادارن کان مطالبو ڪن ته اهي حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي ذات پاڪ جو احترام کي يقيني بڻائن ۽ ان جي توهين کان پاسو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو