عورت کي بااختيار بنائڻ ۾ ادارن جو ڪردار

ليکڪ    جاويد سولنگي

اسان جي معاشري ۾ خاص طور تي ڳوٺاڻي عورت ھڪ مظلوم طبقو ۽ بي اختيار رھي آھي ۽ رھندي پئي اچي۔ عورت جيڪا ماء به آ، زال به آ، ڌي به آ ته ھن سماج جو ھڪ اھم ڪردار به آهي۔  عورت ھن سماج جو اھم حصو ھجڻ جي باوجود اڄ تائين اھو مان، مرتبو ۽  زندگي جي روز مره جي معاملات ۾ اھو اختيار  حاصل ڇو نا ھي ڪري سگھي؟  جيڪو مان، عزت ۽ اختيار ھن کي مذھب به ڏي ٿو ته قانون به۔ يا ايئن چئچي ته عورت کي ھن معاشري جي ترقي جي لاء ان کي گڏ ڇو نه کنيو ويو آھي۔ ڪو به معاشرو تيسيتائين ترقي نٿو ڪري سگھي جيسيتائين عورت کي سماج / زندگي جي روز مره جي معاملات ۾ شامل نه ٿو ڪيو وڃي۔ ان ڳالھ کي به  واضع ڪندو ھلان ته عورت کي بااختيار بنائڻ جو ھرگز ھرگز اھو مقصد ناھي ته  اسان پنھنجي معاشري کي به  اولهه جي عورت وانگر آزاد ڇڏيون۔ عورت کي بااختيار بنائڻ جو صرف ۽ صرف اھو مقصد  آھي ته اسان عورت کي پراعتماد بڻايون، ان جي راء کي اھيت ڏيو، زندگي  جي ھر عمل / ڪم ۾ ھن جي راء يا ھن جي صلاحيتن کي شامل ڪيو ته جئين معاشري جي ترقي ۾ عورت به پنھنجو حصو/ ڪردار ادا ڪري۔ 

خصوصن ڳوٺاڻي عورت کي فيصلا سازي يا ڪنھن به ڪم  ۾ اختيار نه ڏيڻ  / يا ھن کي اھميت نه  ڏيڻ جا کوڙ سارا سبب ٿي سگھن ٿا۔ مثال طور، عورت کي معاشري جي روز مرھ جي معاملات ۾ ان جي راء نه وٺڻ يا ان جي راء کي اھميت/ شامل نه ڪرڻ،  مرد کي ھر معاملي ۾ ترجيع ڏيڻ، عورت کي گھٽ عقل واري سمجھڻ ، سماج ۾ مرد جو غلبو، عورت کي شعور جو نه ھجڻ، حالات سان سمجھوتو ڪرڻ، عورت لاء جامع مدد جو نه ھجڻ، مڙس يا پي کان سواء ٻيو ڪوئي ذريعه معاش جو نه ھجڻ ۽ سڀ کان اھم ڳالھ عورت جو تعليم يافته نه ھجڻ۔ عورت کي اختيار نه ڏيڻ جا ٻيا به کوڙ سارا سبب ٿي سگھن ٿا۔ شھرن ۾ رھندڙ عورت تعليم ۽ شعور جي زيور سان بااختيار ٿي آھي ۽ ھو زندگي جي  روز مره جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاء  پاڻ ۾ علم ۽ شعور کي استعمال  ڪري پنھنجا ۽ معاشري سان لاڳاپيل مسئلن کي ڪنھن حد تائين حل ڪرڻ  ۽ ھن معاشري جي ترقي لاء پنھنجو پاڻ پتوڙي رھي آھي۔ ان جي ابتڙ ڳوٺن ۾ رھندڙ عورت تعليم ۽ شعور جي نه ھجڻ ڪري اڄ به بلڪل بي اختيار ۽ اٻوجهه آھي۔ ھتان جي عورت  نه ئي علم جي طاقت سان سر شار آھي ۽ به ئي شعور سان۔ ھو گھڻو ڪجھ چاھيندي به ڪجھ نه ٿي ڪري سگھي پر جيڪڏھن ڪا عورت ھمت ڪري پنھنجي خلاف ٿيندڙ ظلم لاء آواز اٿاري ٿي ته پوء نه ئي ان جو خاندان ان عمل تي ھن جو ساٿ ڏي ٿو  ۽ نه ئي سماج ھن جو ساٿي بڻجي ٿو۔ پوء اھا عورت مختلف قسمن جي تڪليفن، مسئلن کي منھن ڏيندي رھي ٿي، مثلن  عورت تي جسماني ۽ جنسي تشدد  جو مسئلو ۔ عورت تي تشدد ڪرڻ ھڪ سنگين قسم جو ڏوھ آھي ۽ اسان جي سماج ۾ اڃا تائين ان کي معتبر سمجھو وڃي ٿو۔ پاڪستان ۾ کوڙ ساريون بين الاقوامي ۽ قومي سرڪاري ۽ غير سرڪاري اداره / تنظيمون اھڙيون آھن جيڪي عورتن جي ترقي، تحفظ ۽ ان کي بااختيار بنائڻ لاء ڪم ڪري رھيون آھن۔  مثال طور سنڌ ۾ ھيٺيان سرڪاري ادارا عورتن جي تحفظ،  ترقي ۽ ان کي بااختيار بنائڻ لاء ڪم ڪري رھيان آھن۔

1. عورتن / ٻارن جي  تحفظ وارو ادارو Women  / Child Protection cell۔

  ھي ادارو  حڪومت سنڌ جي ماتحت عورتن جي تحفظ، حق ڏيارڻ لاء ڪم ڪري رھيو آھي۔  عورتن جي تحفظ واري  ھن اداري جا مکيه ڪم ھي آھن۔ جنسي ۽ جسماني تشدد کي روڪڻ ۽ ان جي خلاف قدم کڻن۔ اسان جنھن معاشري ۾ رھون ٿا ان معاشري ۾ عورتن ۽ ٻارن تي جنسي ۽ جسماني تشدد ڪرڻ ۽ ان کي پنھجي حقن کان محروم رکڻ  ھڪ عام ۽ فخر  سمجھو ويندر عمل آھي۔ ان عمل جي پٺيان نفسياتي، معاشرتي، غربت، بي روزگاري،مرد جو پاڻ کي اتم  سمجھڻ، غلت رويو / ورتاء، شعور جو نه ھجڻ ۽ سڀ کان اھم تعليم جو فقدان آھي۔ مٿين ڳالھين جي ڪري مرد حضرات اڪثر ڪري عورت ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي ٿو۔ معاشري ۾ ان قسم جي عملن کي روڪڻ خاص طور تي جسماني ۽ جنسي تشدد جو شڪار ٿيندڙ  ۽ حقن کان محروم عورتن ۽ ٻارن   کي مڪمل تحفظ ۽ انصاف ڏيارڻ جي لاء ھي ادارو سنڌ ۾ ضلع سطح تي  خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي۔ تعريف قابل اھا ڳالھ نه آھي ته ھن اداري ۾ سڄو عملو عورتون آھن ۽ عورت ئي عورت کي سٺي طرح پنھنجو مسئلو بيان ڪري سگھي ٿي ۽ عورت ئي عورت جي تڪليف کي سمجھي سگھي ٿي۔ عورتن کي معاشرتي، سماجي ۽ مذھبي  حق ڏيارڻ۔

جڏھن به ڪنھن معاشري ۾ ناانصافي، حق تلفي وڌي ويندي آھي ته اھو معاشرو زوال پزير ٿي ويندو آھي ۽ ترقي جو عمل رکجي ويندو آھي۔ ڪنھن به ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاء اھو لازمي آھي ته  سماج جي ھر فرد کي ان جو پورو پورو حق ملي۔  عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ جو  ھي ادارو مظلوم عورتن ۽ ٻارن کي  معاشي، سماجي ۽ مذھبي حق جئين زمين يا جڳھ جي وراست جو حق ڏيارڻ جي لاء به ڪم ڪري رھيو آھي ۽ عورتن، ٻارن جي  شڪايتن جو بر وقت حل ۽ انصاف لاء ڪوشان آھي۔

ننڍي عمر جي شادي ۽ سائبر ڪرائيم کي روڪڻ۔

بين الاقوامي سطح تي ۽ پاڪستان ۾ ننڍي عمر جي شادي قانونن ھڪ جرم آھي ۽ ان جي سزا پڻ آھي۔ ننڍي عمر جي شادي جا ٻار ۽ ماء تي نفسياتي ۽ صحت جي حوالي سان تمام خراب اثر پوي ٿو۔ ٻار ۽ ماء  جي ذھني ۽ جسماني نشو نما رڪجي وڃي ٿي۔  سائبر ڪرائم جي ذريعي سان معصوم ڇوڪرين کي پريشان ۽ تنگ ڪيو وڃي ٿو۔ ھي ادارو جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي، حراسان ڪندڙن کي گرفت ۾ آڻي  ان عورت ذھني اذيت کان بچائي ٿو۔ عورتن جي تحفظ وارو ھي  ادارو سماج ۾  نڍي عمر جي شادين ۽ سائبر ڪرائيم کي روڪڻ ۽ ان جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ جي لاء ھر وقت  حاضر خدمت آھي۔ ھي ادارو ھر مھيني پنھنجي رپورٽ به جاري ڪري ٿو جنھن ۾ اھو ڄاڙايل ھوندو آھي ته ھن مھيني ۾ ڪيترا ڪيس داخل ٿيا، ڪيترا ڪيس حل ڪيا ويا ۽ ڪيترا ڪيس حل نه ٿي سگھيا۔

2.(عورتن جي ترقي وارو ادارو Women Development Department ) ۔

ھي ادارو  به حڪومت سنڌ جي ماتحت عورتن جي ترقي لاء ڪم ڪري رھيو آھي۔ ھن اداري جو مقصد عورتن کي سماجي ۽ معاشرتي حوالي سان ترقي ڏيارڻ ۽ بي گھر عورت کي ڇت / پناھ ڏيڻ  لاء قائم ڪيو ويو آھي۔  عورتن جي ترقي واري اداري جا مکيه ڪم آھن ته بي گھر عورتن کي  پناھ ڏيڻ۔ جيئن ته مضمون جي شروعات ۾ اھا ڳالھ اڳ ۾ ئي لکي آھي ته اسان جي عورت خاص ڪري ڳوٺاڻي عورت بااختيار ناھي۔ مثال طور۔ جيڪڏھن ڪنھن عورت تي  جسماني يا جنسي تشدد ٿئي ٿو ۽ ھن کي پناھ جي ضرورت پوي ٿي ته اھا عورت دارالامان ۾ پناھ وٺي سگھي ٿي يا ڪا  عورت/ ڇوڪري پسند جي شادي ڪرڻ چاھي ٿي ۽ ھو اھو قدم کڻي ٿي ته پوء ھن جي ۽ ھن جي مڙس جي زندگي زھر ٿي وڃي ٿي۔ ڇوڪري کي ته مائٽ واپس گھر ۾ رھائن ٿا يا ھن کي معاشرو قبول ڪري وٺي ٿو پر عورت جي لاء سماج  سڀ دروازا بند ڪري ٿو ڇڏي۔ ايتري تائين جو ان عورت جي گھر جا ڀاتي به انکي رھائش لاء قبول نه ٿا ڪن ۽ ڳالھ زندگي جي انت تائين وڃي ٿي پھچي۔ انھن قسم جي حالات کي منھن ڏيندر يا ڪنھن ٻي سبب جي ڪري بي گھر ٿيل عورت کي پناھ ڏيڻ لاء عورتن جي ترقي وارو ھي ادارو   ”دارلامان”  يا پناھ گھر جي سھولت ڏي ٿو۔ ھن وقت پوري سنڌ ۾ 3 دارلامان حيدرآباد، بينظير آباد ۽ سکر ۾ ڪم ڪري رھيا آھن۔ ھتي پناھ وٺندڙ عورتن کي مفت ۾ 3 وقت کاڌي سان گڏوگڏ انھن کي سلائي ڪڙهائي جو ھنر به ڏنو وڃي ٿو ته جيئن ھو اڳتي ھلي ڪنھن جي به محتاج نه رھي ۽ اڳتي ھلي معاشري ۾ ھڪ بااختيار زندگي گزاري۔ ھي ادارو پھريان سماجي ڀلائي جي ماتحت خدمتون انجام ڏيندو رھيو آھي، ھاڻي ھن اداري جون خدمتون عورتن جي ترقي واري  اداري ڏانھن منتقل ڪيون ويو آھن۔

عورتن کي نڍا نڍا قرض ڏيڻ۔

عورتن جي ترقي وارو ھي ادارو عورتن کي نڍا نڍا قرض به  ڏيندو آھي بغير وياج جي۔  جيئن انھن پئسن سان اھا ڳوٺاڻي عورت ڪوئي  ڪاروبار يا ھنر وارو ڪم ڪري پنھنجا   معاشي حالات بھتر ڪري ۽ معاشري جي ترقي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪري ۽ معاشي حوالي سان پاڻ کي  خود مختيار بڻائي۔

عورتن کي ھنري سکيا ڏيارڻ۔

عورتن جي ترقي وارو ادارو عورتن کي مختلف ھنري سکيا جا ھنر سيکاري ٿو  جيئن ڪمپيوٽر جي سکيا، سلائي ڪڙائي۔ برٿ جو ھنر، عورتن جي سينگارڻ جو ھنر پڻ شامل آھن، جنھن ۾ سکيا وٺندڙ کي ھر مھيني وظيفو پڻ ڏنو ويندو آھي۔

غير سرڪاري تنظيمون عورتن جي تحفظ، ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ لاء (NGOs) جو ڪردار۔ غير سرڪاري تنظيمن  جي ڪردار کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي۔ پوري دنيا ۾ مختلف منصوبن جي تحت، معاشري جي ھر لحاظ جي ترقي ۾ غير سرڪاري تنظيمون  جي ڪردار کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي۔ سنڌ ۾ سرڪاري ادارن سان گڏوگڏ بين الاقوامي ۽ قومي  غير سرڪاري تنظيمون به عورتن جي تحفظ، ترقي ۽ ان کي بااختيار بنائڻ لاء پڻ ڪم ڪري رھيون آھن۔ اسان جي  ملڪ جو شمار ترقي پزير ملڪن ۾  ٿئي ٿو يعني اڃا تائين اسان ترقي حاصل ڪرڻ لاء پاڻ پتوري رھيا آھيون  ۽ مڪمل طرح سان خود ڪفيل نه ٿي سگھيا آھيون۔ ان جي ڪري  اسان جي حڪومت اڪثر وسائلن جي  گھٽتائي جي ڪري  معاشري ۾ شعور اجاڪر ڪرڻ ، حڪومتي ادارن تائين عام ماڻھن خاص طور تي عورتن جي رسائي کي يقيني بڻائڻ  ۾ پوئتي آھي۔ عورتن جي تحفظ، ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ وارن ادارن جي ھجڻ جي باوجود اسان جي عورت خاص ڪري ڳوٺاڻي عورت بااختيار ڇو نه ٿي سگھي آھي؟ ان جو خاص سبب آھي شعور جي ڪمي، ادارن تائين رسائي / ڄاڻ جو فقدان ته عورتن جي تحفظ، ڀلائي، حقن ۽ عورت کي بااختيار بڻائڻ لاء ڪھڙا ادارا ڪم ڪري رھيا آھن ۽ انھن تائين موئثر رسائي ڪيئن ممڪن آھي۔   ان  وٿي / Gap  کي پورو ڪرڻ لاء غير سرڪاري تنظيمون (NGOs) سرڪاري ادارن سان ملي ڪري، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاء پنھنجو ڪردار ڪنھن حد تائين ادا ڪري رھيون آھن۔ اھي تنظيمون ڪنھن حد تائين ماڻھن کي روزگار ڏيڻ سان گڏو گڏ ڳوٺن جي سطح تائين عام عورتن کي انھن جي حقن جي ڄاڻ ڏيڻ، سرڪاري ادران تائين رسائي جو ذريعو مھيا ڪرڻ، تعليم جي اھميت ۽ نڍي عمر جي شادي کي روڪڻ، عورتن جي حقن تي تربيت ڏيڻ لاء مختلف منصوبن کي معاشري جي ترقي لاء استعمال ڪري رھيون آھن۔ انھن ڪمن کي سر انجام ڏيڻ لاء غير سرڪاري تنظيمون پنھنجا وسيلا استعمال ڪن ٿيو۔ ضرورت ان امر جي آھي ته اھو ڪم صرف ٿوري مدعت وارن منصوبن جي بدران ديرپا مدعت وارا منصوبا  ھجڻ گھرجن ته جيئن اسان جي معاشري جي عورت ان مان وڌ کان وڌ فائدا حاصل ڪري پنھنجو پاڻ کي بااختيار بڻائي۔ jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو