عورت وڪيل تي حملو، جوابدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو

نوشھرو فيروز  (اسد علي عمراڻي)سينئر ايڊوڪيٽ فرزانه تڳر پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪريم بخش، آفتاب, رحمان, نويد علي, نادر علي ۽ معشوق شامل آهن. هن چيو ته ڄاڻايل ماڻهن سندس گهر تي حملو ڪر ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي. فرزانه تڳر ٻڌايو ته منھنجا ڪريم بخش ڏي پئسا آھن جيڪي ڦٻائڻ لاءِ حملو ڪيو ويو آهي. ھن جا _نل ڪوڙا چيڪ پڻ مون وٽ موجود آهن. ھن چيو ته ڪريم بخش ۽ آفتاب سولنگي ٻئي فراڊي آھن ھنن  اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھن وڌيڪ چيو ته نوشھرو فيروز پوليس ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري. هن اعلي اختيارين کان انصاف ۽ تحفظ جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو