عورت سان بدتميزي، عاطف اسلم ڪنسرٽ اڌ ۾ ڇڏي ڏنو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مشهور گلوڪار عاطف اسلم جي ڪنسرٽ دوران عورت سان بدميزي جو واقعو پيش آيو، عاطف اسلم پنهنجي ڪنسرٽ دوران عورت جي بي عزتي تي پروگرام روڪي ڇڏيو ۽ عورت کي اسٽيج تي گهرايو، پر هوءَ روئندي رهي. عاطف اسلم عورت کي تسلي ڏني ۽ ڪنسرٽ اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.عاطف اسلم جي ڪنسرٽ مان نڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي عاطف اسلم کي انتظاميه خلاف ڪارروائي جي اپيل به ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو