عورت جي لاش جي سڃاڻپ لاءِ قبرڪشائي

ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو )پنج مھينا اڳ گڊو ٿاڻي لڳ 17 آر ڊي انڊس ھائيوي جي وٽ تان 25 سالن جي نا معلوم عورت جو  لاش مليو ھو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي هئي ۽ پوليس لاش دفنائي ڇڏيو هو سيشن جج ڪشمور جي حڪم تي لاش جي سڃاڻپ لاء قبر ڪشائي جزا ورتا ويا.قبر ڪشائي سيڪنڊ سول جج ڪشمور ياسر عرفات ۽ ڇھ رڪني ميڊيڪل بورڊ ٽيم جي نگراني ۾ ٿي . ميڊيڪل بورڊ ٽيم ۾ ڊاڪٽر شاھد اقبال ڊاڪٽر ضمير حسين ڊاڪٽر امان الله ڀٽو ڊاڪٽر ياسين ڊاڪٽر راقيه ڊومڪي شامل آھن. قبر ڪشائي ڊي اين اي ٽيسٽ لاء سيمپل ورتا وينداجج . ياد رھي ته لاش کي گڊو پوليس وارثي نه ٿيڻ ڪري ظاھر پير قبرستان ۾ امانت طور دفنايو  ھو.قبر ڪشائي گڊو ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اھلڪار دريا خان کوسو جي فرياد تي ڪئي وئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو