عورت اغوا ۽ مينهون چوري، وارثن جو احتجاج، پوليس خاموش

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ غالب بلوچ) ڪنڌڪوٽ ۾ ڏوهه وڌي ويا، ناري جي اغوا جي واردات بعد ڏينهن ڏٺي جو چور5 مينهون ڪاهي ويا پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. ڌرين جي احتجاج ۽ اپيلن تي به ڌيان نٿو ڌريو وڃي. مرزاپور پاڙي مان ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل 22 ورھين جي ناري سبحانا ڪلھوڙو جي عدم بازيابي ۽ واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف مغوي ناري جي وارثن طرفان ميڊيا سينٽر اڳيان احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاھرين نورحسن عرف قالو ڪلھوڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار نادر ڪلھوڙو، آچرڪلھوڙو ۽ صابر ڪلھوڙو علائقي  جي بااثر  شخص غازي لاشاري جي پٺ ڀرائي سان شادي ڪاڄ دوران گهر تي حملو ڪري زبردستي  اسان جي نياڻي سبحانا خاتون کي اغوا  ڪري ويا. اسان اھڙي واقعي جو اطلاع  حد جي پوليس ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي پڻ ڏنو پر پوليس ناري جي بازيابي ۽ جوابدار ڌر خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي. ھنن چيو ته جوابدار ڌر ناري تان ھٿ کڻڻ ۽ دانهن فرياد نه ڪرڻ لاء سنگين  نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون  ڏئي رھيا  آهن. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب  ڪرائي ملوث جوابدارن  مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن هڪ ٻئي خبر موجب ڪرمپور جي صحافي ثناءالله بجاراڻي جون پنج مينهون ڏينهن ڏٺي جو اقبال احمد لاڙي وٽان جوءِ ۾ چرندي نامعلوم چورڪاهي ويا، ڀاڳين پاران مينهن جا پيرا کڻي جانب ميراڻي جي گهر ۾  پهچايا ويا، ڀاڳيا واقعي واري هنڌ ويٺل آهن، جڏهن ته اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، متاثرن پاران ايس ايس پي ڪشمور کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو