عورتن دڪان مان 4 سونيون چوڙيون چورائي ورتيون

سکر (امداد علي ڪلوڙ) ٺڳ عورتون سوناري جي دوڪان تان لکين روپين جون سونيون چوڙيون چوري ڪري فرار ٿي ويون. ان ڏس ۾ صرافه بازار ايسوسئيشن جي صدر حاجي جاويد ميمڻ موجب 2 عورتون سونارڪي دڪان تي سون خريد ڪرڻ جي بهاني آيون، جيڪي ٺڳيءَ سان لکين رُپين جي ماليت واريون چار سونيون چوڙيون چورائي ويون ٻن عورتن طرفان سونارڪي دُڪان مان سونيون چوڙيون چورائڻ واري سي سي ٽي وي فوٽيجز به جاري ٿي ويا آهن. متاثر مطالبو ڪيو آهي ته عورتن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل چوڙيون واپس ڪرايون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو