عورتن جا پئسا ڪٽيندڙ اومنيز خلاف ڪاروائي، پئسا واپس

چوهڙ جمالي (ناشاد ملاح ) ڊاڪٽر گلي ۽ عالم شاھ جي درگاھ ڀرسان هلندڙ احساس پروگرام جي اومنيز تي اي سي شاهبندر محمد علي خواجه ۽ مختيارڪار شاهبندر يعقوب ڪنڀر پوليس موبائل ساڻ ڪري احساس پروگرام جي فنڊ مان ناجائز ڪٽوتي خلاف ڇاپا هڻي عورتن کان ٿيل ڪٽوتي جا پئسا کين واپس وٺرائي ڏنا. اومني هلائيندڙن کي ڇنڊ پٽي ته جيڪڏھن ڪنهن مستحق عورت جي پئسن تان ڪٽوتي ڪئي ته ان خلاف ايف آئي آر ڪٽي کيس گرفتار ڪيو ويندو. اي سي شاهبندر محمد علي خواجه جو چوڻ هو ته حڪومت پاران اومني هلائيندڙن کي معاوضو ادا ڪيو وڃي ٿو انهن کي پئسن تان هڪ روپيو به ڪٽڻو ناهي جيڪڏھن ڪنهن به ناجائز طريقي سان ڪٽوتي ڪئي ته ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي , ساڳئي وقت اي سي شاهبندر ۽ مختيارڪار پاران ڇاپا هڻڻ جو ٻڌي ڪيترائي اومني هلائيندڙ پنهنجا دوڪان بند ڪري فرار ٿي ويا ان وقت اي سي شاهبندر پاران اومنيز تي اهلڪار مقرر ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو