عورتاڻي آوز تي هرکجي آيل قلات واسي اغوا کان بچي ويا

غوثپور (عبدالنبي ملڪ)ڪشمور پوليس موبائيل فون ٽريسنگ ذريعي بلوچستان جي شهر قلات واسي 2 نوجوانن علي اڪبر يوسف زئي ۽ رحيم بخش يوسف زئي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.  اغوا ڪار ٻنھي ڄڻن کي عورتاڻي آواز تي گھرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو. جنھن منصوبي کي غوثپور پوليس ايس ايڇ او خليل احمد رند ۽ اسپيشل ٽيم ڪارروائي ڪري راجا لاڙو وٽ روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. ٻنھي ڄڻن کي تيغاڻي گينگ جااغوا ڪار دوکي سان گھرائي اغوا ڪري رھيا ھئا. ايس ايڇ خليل احمد رند جو چوڻ هو ته حرکجي آيل ٻنھي ڄڻن کي واپس بلوچستان جي قلات شھر پنهنجي گهرن ڏانهن موڪليو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو