عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل 2 ڄڻا بازياب نه ٿيا

ٺل(عبدالنبي شيخ) هڪ هفتو اڳ عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي ويل ڳوٺ گھنور خان بنگلاڻي جو رهواسي ريلوي جو رٽائرڊ ملازم حاجي بچل خان بنگلاڻي ۽ ڳوٺ جونگل جو رهواسي 4 هفتا اڳ عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيل نوجوان فراز ميراڻي بدستور ڌاڙيلن جي قيد هيٺ آهن پر ٺل توڙي ڪشمور پوليس پاران حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي سگھي آهي جنهن ڪري مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي ۽ وارثن پنهنجي پيارن جي واپسي لاءِ پوليس ٿاڻن توڙي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي پريشاني ۾ پڻ وٺجي ويا آهن. جڏهن ته مغوي نوجوان فراز ميراڻي جي بازيابي جي لاءِ ڌاڙيلن پاران وارثن سان فون تي رابطو ڪري پڻ 25 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو ۽ ريلوي جي رٽائرڊ ملازم حاجي بچل بنگلاڻي جي بازيابي لاءِ 50 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي ڌاڙيلن پاران اهڙي ڀنگ جي طلبي بعد مغُوين جا وارث پريشاني ۾ وٺجي ويا آهن. مغوين جي وارثن رابطي تي ٻڌايو ته جڏهن کان وٺي اسان جا پيارا اغوا ٿي ويا آهن انهن ڏينهن کان وٺي پوليس اسان کي رڳو ڪوڙا ٺلها دلاسا ڏئي رهي آهي جڏهن ته اسان کي حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي رڳو رولائي رهي آهي اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي پر پوليس اسان جي مدد ڪرڻ بجاءِ اسان کي بازيابي لاءِ جواب ڏئي ڇڏيو آهي ڌاڙيلن اسان کي پنهنجي پيارن جي واپسي لاءِ لکين روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي نه ڏيڻ تي مغوين کي مارڻ جي پڻ ڌمڪي ڏئي رهيا آهن. هنن ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي کان مطالبو ڪيو ته اسان جي پيارن جي واپسي لاءِ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو