عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل همراهه بازياب

ڪنڌڪوٽ(ڊ ر) دراني مهر جي ڪچي واري علائقي  ۾ پوليس سرچ آپريشن دوران مغوي نوجوان عامر سومرو کي بازياب ڪرائڻ جي دعوىٰ ڪئي آهي. پوليس ترجمان موجب مغوي نوجوان عامر سومرو کي هڪ مهينو ست ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز ۾  دوستي رکڻ جي بهاني سان ڌاڙيلن گهرائي اغوا ڪيو ھو، جنهن کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ واري ڳجهي اطلاع تي سي آءِ اي پوليس جي انچارج گل محمد مھر ۽ ايس ايڇ او غوثپور اعجاز احمد کوسو جي سربراهي ۾ پوليس ٽيم جي ڪچي واري علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن ڪيو. سرچ آپريشن دوران  ڌاڙيل مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو