عوام دشمن بجيٽ جي منظوري کي ناڪام بنائينداسين,بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران تيار ڪيل بجيٽ جي پارليامينٽ مان منظوري کي ناڪام بنائينداسين .عوام دشمن حڪومت عوام دوست بجيٽ نٿي ٺاهي سگهي. هر بجيٽ کان اڳ عمران خان اعلان ڪندو آهي ته هي  سال ترقي جو هوندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي پگهاردار ملازمن طرفان تيار ڪيل بجيٽ جي منظوري پاڪستان جي خودداري تي حملو هوندو. عوام تحريڪ انصاف جي ڪرتوتن کي سٺي طريقي سان سمجهي چڪو آهي. ڳرن ٽيڪسن جي ذريعي عام ماڻهو جي کيسن مان پئسا ڪڍي خزانو ڀرڻ جي دعويٰ ڪارنامو ناهي پر شرم جوڳي ڳالهه آهي. بلاول ڀٽو چيو ته سخت شرطن تي ورتل قرض برداشت نه جوڳن ٽيڪسن سان خزانا ڀرڻ جي دعويٰ معاشي ترقي نه آهي. ملڪ جي عام ماڻهو وٽ مهانگي دوا خريد ڪرڻ جا پئسا به نه آهن ته اهو خزانه ڀرڻ جي  عمران خان جي دعوائن جو آخر ڇا ڪندو؟ دنيا جي مهذب رياستن ۾ معاشي ترقي جو صرف هڪ پيمانو آهي عام ماڻهو جي زندگي خوشحال هجي، عمران خان هر پاڪستاني کي پوڻا 2 لک  روپين جو قرضي ڪري معاشي ترقي جا گڻ ڳائي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي.پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عمران خان جو حدف عام ماڻهو کان ڳرو ٽيڪس وصول ڪري خزانا ڀرڻ ۽ پنهنجي امير دوستن کي ان خزاني مان ايمنسٽي اسڪيمون ڏيڻ آهي. تحريڪ انصاف جون معاشي پاليسيون عوام دوست نه آهن. پر ڪجهه سرمائيڪارن جي مفادن ۾ گهمنديون آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي اها واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جون معاشي پاليسيون  عوام جي مفادن جي ترجماني ڪنديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو