عوامي مسئلن جو حل با اختيار مڪاني نظام ۾ آهي، مولانا ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته بااختيار مڪاني ادارن وارو نظام ئي عوامي مسئلن جو حل آهي، جهموريت جي دعويدار حڪومت پاران مڪاني ادارن واري چونڊن کان فرار جو رستو آئين کان انحراف ۽ عوامي حقن تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي، مڪاني ادارن ۽ سندن نمائندن کي بي اختيار ڪرڻ وارو سنڌ حڪومت جو لوڪل  گورنمنٽ ترميمي بل2021 قابل مذمت ۽ عوامي نمائندن توڙي مڪاني ادارن جي حق تلفي آهي، ان کي فوري طور واپس وٺي آئين ۽ سياسي جماعتن جي مشوري سان ٻيهر قانونسازي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ ورڪرز بلدياتي ڪنونشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کان اڳ صوبائي امير محمد حسين محنتي، ناظم انتخاب ممتاز حسين سهتو، صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ۽ ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو پڻ خطاب ڪيو. صوبائي امير محمد حسين محنتي ڪنونشن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاري قانون ذريعي مڪاني ادارن جي نمائندن ۽ ادارن کي پنهنجي حقن کان محروم ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي، جماعت اسلامي هر فورم تي عوامي حقن ۽ حڪومتي ناانصافين خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. صوبائي نائب امير ۽ ناظم انتخاب ايڊووڪيٽ ممتاز حسين سهتو اڳواڻن تي زور ڏيندي چيو ته هوءَ مڪاني چونڊن جي تياري، ووٽرلسٽن ۾ نالن جي اندراج ۽ فهرستن جي تصديق لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، ايندڙ مڪاني ادارن جي چوندن ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو