عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڏارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج

ڪراچي( نمائندن وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ افغان پناهگيرن جي آبادڪاري خلاف احتجاجي مطاهرا ڪيا ويا. ٻئي پاسي جيئي سنڌ محاذ پڻ افغاني پناهگيرن، بيروزگاري ۽ ٻين سنڌ جي اجتماعي مسئلن خالف احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. مورو مان اياز سولنگي موجب قومي عوامي پارٽي پاران افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏيارڻ، ايڊز ،مھانگائي ،پاڻي جي کوٽ، بيروزگاري جي خلاف قومي عوامي هائوس مورو کان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي خان سومرو، اختر، نازڻ عالماڻي، هدايت الله سومرو, اظهر عالماڻي ڪري رهيا هئا، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ناهي جو هتي افغانين، برمين، بنگالين کي رهايو وڃي.

سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي تہ فوري طور افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي، ملڪ جي ٻين صوبن پڻ افغانين قرارداد پيش ئي آهي تہ افغانين کي واپس ڪيو وڃي ۽ سندن ڪاروبار ۽ ملڪيت سرڪاري تحويل ۾ ورتي وڃي پر افسوس سنڌ حڪومت اڃان تائين افغانين خلاف ڪو بہ لائحہ عمل ناهي جوڙيو جنهن سان نہ صرف سپريم ڪورٽ جي توھين ڪئي آهي پر سنڌ جي عوام جي ووٽ تي چونڊيل حڪمران سندن معاشي قتلام ڪري رهيا آهن، اڳواڻن چيو تہ ملڪي سالميت لاء افغانين سميت سمورا ڌاريا خطرو آهن انهن کي فوري طور ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ خطرناڪ بيمارين ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس خلاف هنگامي بنيادن تي گهر ويٺي ٽيسٽن ۽ علاج جو بندوبست ڪري انساني جانيون بچايون وڃن. هنن چيپ ته سنڌ جا فصل پاڻي جي کوٽ سبب تباھ ٿي رهيا آهن، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي سبب سنڌ جو عوام خودڪشين ڪرڻ تي مجبور آهي.*** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب ڌارين جي آبادڪاري خلاف قومي عوامي تحريڪ طرفان بک هڙتال ڪئي وئي “سنڌ ۾ بگالي برمي افغانين جي نيڪالي لاء اقبال لائبريري جي اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي بک هڙتال تي ويٺل اڳواڻن سجاد بروهي فدامحمداڻي اڪرم محمداڻي شاهلي سهرياڻي۽ ٻين چيو ته سنڌ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌجي جي معيشيت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جلدازجلد ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. هوڏانهن سجاول ضلعي جي شهر دڙو مان امداد ميمڻ مطابق جسم طرفان سنڌ ۾ آباد افغان پناھگيرن جي نيڪالي, پاڻي کوٽ ۽ ٻين مسئلن لاء سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان. سنڌ ۾ ڌارين جي آباڪاري, پاڻي جي کوٽ, بي روزگاري, معاشي بدحالي رياستي آشيرواد سان ڪئي پئي وڃي. سنڌين کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. سنڌ کي باب ااسلام جي نالي تي پناھگير ڪالونائيزيشن بڻايو پيو وڃي.

اھڙو اظھار جئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چئرمين سيد نواز شاھ ڀاڏائي, بلاول ٻارڻ, زوھيب شيخ ۽ ٻين سان گڏ دڙو ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھن چيو ته جنيوا ٺاھ  تحت جنگي حالتن ۾ جيڪي افغاني مھاجر, بنگالي, برمي ۽ ٻيا غير ملڪي آيل آھن. انھن کي پنجاب حڪومت واپس موڪلي رھي آھي. پر سنڌ جي نااھل حڪومت پنھنجي ووٽ بئيڪ کي وڌائڻ لاء انھن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرائي کين سنڌ جو مستقل شھري بنائي رھي آھي. ان کان اڳ جسم اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي پ پ دڙو جي ڪائونسلر جاويد حسن ميمڻ جي والد ۽ سينئير صحافي اعجاز اختر ميمڻ جي چاچي مرحوم محمد حسن ميمڻ جي وفات تي ساڻن تعزيت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو