عوامي تحريڪ جو مهانگائي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) مهانگائي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ٻئي ڏينهن به سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جا سنڌ جي مختلف شهرن، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو الهيار، ميهڙ، ۽ ڊگهڙي ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيا. عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد پاران ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سوين مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. مظاهري ۾ آءِ امي ايف جي غلامي _ نامنظور، هٿرادو مهانگائي _ نامنظور، عوامي ادارن جو نيلام _ بند ڪريو، پاڻي تي ڌاڙا _ بند ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نارا هنيا ويا. مظاهري کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول، ڊيزل، بجلي، گئس سان گڏ اٽي، چانور، گيهه، کنڊ سميت کاڌي پيتي جون سموريون شيون به ٻيڻ تي مهانگيون ڪيون ويون آهن. هنن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي کوٽ اسان جي زراعت کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. هٿ وٺي سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي. پاڻي جي کوٽ سبب هارين سان گڏ چڱا موچارا آبادگار به برباد ٿيندا ٿا وڃن. هڪڙي پاسي ڀاڻ، زرعي دوائن، ڊيزل سميت زراعت سان لاڳاپيل سمورين شين تي ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس مڙهي وئي آهي ته ٻي پاسي وري پاڻي نه هجڻ برابر آهي تنهنڪري سنڌ جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي.

AT protest in Hyderabad, Photo Sindhyar

هاري ۽ آبادگار سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا آهن. ماڻهن جو بک وگهي مرڻ معمول بڻجي ويو آهي. مظاهري کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي عوام دشمن فيصلن سبب ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي. مهانگائي ڪري سنڌ جو پاڻي ڦرڻ ۾ پيپلز پارٽي به وفاقي حڪومت جي ساٿاري بڻيل آهي. وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومتن ڪامورن کي ڪرپشن ڪرڻ ۽ واپارين کي غريبن جو رت چوسڻ لاءِ ڇيڪ ڇڏي ڏنو آهي. پيپلز پارٽي تعليم کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. شاگردن جون فيون وڌائڻ لاءِ يونيورسٽين جي سربراهن کي سنڌ حڪومت طرفان آئين ٽوڙڻ جي اجازت به مليل آهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته پيٽرول، ڊيزل، اٽي، چانور، کنڊ ۽ شاگردن جي فين ۾ ڪيل اضافي کي فورن ختم ڪيو وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري چيو ته اسين سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون عوامي تحريڪ جي ڀائرن سان گڏجي هن انڌير نگري چرٻٽ راجا جو قانون ختم ڪنداسين. هڪڙي پاسي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪئي وئي آهي ته ٻئي پاسي وري هٿ جي هنر جي صنعت کي تباهه ڪيو ويو آهي جنهن سبب پورهيت عورتون ۽ مرد بي روزگار ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ زراعت کي هٿي ڏيڻ ۽ صنعت لڳائڻ بدران زراعت کي تباهه ڪري اسٽيل مل سميت سمورن عوامي ادارن کي نيلام ڪيو پيو وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ميهڙ ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي جا ذميوار حڪمران خود آهن جن پنهنجي ناقص پاليسين سبب پاڪستان جي عوام کي عالمي مالياتي ادارن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي، حڪمرانن جي ناجائز پروٽوڪول ۽ شاهي خرچن سبب عوام بک ۽ بدحالي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، سنڌ ۾ اهي ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن جيڪي خود مھانگائي جا ذميوار آهن سنڌ ۾ پي پي حڪومت عوام جي پئسي تي ناجائز ڌاڙو هنيو آهي، سنڌ جي نااهل حڪمرانن ڪرپشن سبب ادارا تباھ ڪري سنڌ جي عوام کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي،

AT protest, Photo Sindhyar

آءِ جي سنڌ پي پي جي نام نهاد اڳواڻن تي عوام جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ مان کين ناجائز پروٽوڪول ڏئي عوام جو پيسو  ضايع ڪيو آهي. عوامي تحريڪ جي ضلعي حيدرآباد جي صدر دائود ڏاهري چيو ته هاڻي دينا داستي پاڻي ڦر ڪري رهيا آهن. هي اسان تي حملا آهن. مظاهري کي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ عمراهه سمون، سليم ٻڌ، ڪاشف ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو.  ڊگهڙي ۾ مظاهري جي اڳواڻي سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ رامچند، ممتاز کوسو ۽ ٻين ڪئي، ميهڙ ۾ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، مشتاق چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر، ايڊووڪيٽ ذولفقار چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي، ٺٽي ۾ مظاهري جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مٺا خان لاشاري، رزاق چانڊيو، سلميٰ لاشاري، غلام علي زئور، بلاول لاشاري ۽ ٻين ڪئي، سجاول ۾ پرويز ميمڻ، حسين آزاد، دريا خان زئور، بچل ملاح، ساگر پرهياڙ، عزيز ميمڻ، نواز ڏيٿو، ٻائتار سنڌي ۽ ٻين ريلي جي اڳواڻي ڪئي، ٽنڊوالهيار ۾ عبدالله مڱڻهار، سورٺ مڱڻهار ۽ ٻين مظاهري جي اڳواڻي ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو