عمر ڪوٽ ۾ڦر لٽ جي بازار گرم، انتظاميا لاتعلق

عمر ڪوٽ (ن س) ضلعي ۾ روز مرھ استعمال ٿيندر ڀاڄين توڙي کاڌ خوراڪ وارين شين جا اگھھ چوٽ چڙھيل. واپارين جي ٻيگھي متل، غريب عوام روز مرھ جون شيون خريدڻ کان لاچار بڻيل، رپورٽ موجب عمر ڪوٽ ضلعي جي چار تعلقن ۾ روز مرھ استعمال ھيٺ ايندڙ ڀاڄين توڙي ٻين کاڌ خوراڪ جي شين جا اگھھ چوٽ چڙھيل ۽ مھانگائي سبب غريب عوام خريداري کان لاچار بڻيل آھي. عمر ڪوٽ جي ٻاڄي مارڪيٽ توڙي ڪارونجھر چوڪ، موتي چوڪ، شاھي بازار، ٿر بازار، روحل بس اسٽاپ ۽ ٻين ھندن تي مھانگائي چوٽ چڙھيل آھي. ھن وقت ٽماٽر 100 رپيا کان 120ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رھيا آھن، ڀينڊي 120 رپين کان 160 رپيا، توري 50 رپين کان 80 رپيا، واڱڻ 30 کان 40 ۽ گوبي 50 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رھيون آھن، اھڙي ريت مٽر 60 کان 100 روپيا، ٿوم 180 کان 200 رپيا، گجر 30 کان 40 رپيا، ڪريلا 80 رپيا، ساوا مرچ 200 رپيا، پالڪ 50 رپيا، موري 40 رپيا، ۽ ميھا 60 کان 80 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رھيا آھن ۽ ڪنھن کان ڪير بي پڇاڻي لاءِ تيار ناھي، غريب عوام ڳاٽي ٽوڙ اگھن سبب سٺيون ۽ موسمي ڀاڄيون وٺڻ خريدڻ کان لاچار بڻيل آھي، ضلعي انتظاميا توڙي مارڪيٽ ڪميٽي جا ڪامورا ريٽ لسٽ تي عمل ڪرائڻ کان مڪمل لاتعلق بڻيل آھن، ساڳي نموني عمر ڪوٽ ضلعي ۾ فروٽ جا اگھھ پڻ آسمان تي پھتل آھن، جھن سبب غريب ۽ وچولو طبقو فروٽ خريد نٿو ڪري سگھي، عمر ڪوٽ ۾ صوف 60 رپين کان 200 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رھيو آھي، ڪيلا 40 کان 60 رپيا، زيتون 60 کان 80 رپيا، گدرا 30 کان 40 رپيا، پپيتو 150 رپيا، نارنگي 100 رپيا ۽ انگور 200 رپيا في ڪلو وڪجن پيا. جڏھن ته دال جو اگھھ في ڪلو 120 رپين مان 140 رپيا ٿي ويو آھي، چڻا 150 مان 160 رپيا، کنڊ 56 رپين مان 60 رپيا، چانور ايري 40 کان 45 رپيا ۽ اٽو 38 رپين مان وڌي 42 رپيا في ڪلو تي پھتل آھي. عمر ڪوٽ ضلعي ۾ ريٽ لسٽ تي عمل نه ٿيڻ ۽ جاچ پڙتال نه ھئڻ جي نتيجي ۾ واپارين توڙي ريزڪي اگھھ تي وڪرو ڪندڙ پنھنجي مرضي وارن اگھن سان کاڌ خوراڪ جون شيون توڙي ڀاڄيون ڳري اگھن سان وڪرو ڪري ڦر لٽ جي بازار گرم ڪيو ويٺا آهن ۽ لاڳاپيل انتظاميا نوٽس وٺڻ لاء تيار ناهي .

پهنجو تبصرو موڪليو