عمراڪمل کي پاڪستاني رانديگر پاران ميچ فڪسنگ جي آڇ

ٽورنٽو(م ڊ) ڪئناڊا ۾ هلندڙ گلوبل ٽي 20 ٽورنامنٽ دوران عمر اڪمل انڪشاف ڪيو آهي ته هن کي ميچ فڪسنگ لاءِ پاڪستاني پليئر رابطو ڪيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. عمر اڪمل پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ ۽ گلوبل ٽي 20 ٽورنامنٽ جي آفيسرن کي ان بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.  هن ٻڌايو ته جنهن ٽيم ونيپيگ طرفان هو کيڏي رهيو آهي ان جي هڪ آفيشل منصور اختر کيس اهڙي آڇ ڪئي. منصور اختر 1980 کان 1990 تائين پاڪستان طرفان 41 ون ڊي ۽ 19 ٽيسٽ ميچ کيڏيا هئا ۽ هاڻي آمريڪا م رهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو