عمران ۽ عذير بلوچ جي رابطن جي وضاحت ڏيو، سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني ۽ ناصر شاهه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عذير جي ساٿي حبيب جان نئون انڪشاف ڪيو آهي ته 2011ع ۾ حبيب جان ۽ لنڊن ۾ پي ٽي آءِ جي هڪ عورت جي موبائيل فون ذريعي ذوالفقار مرزا ۽ عمران خان ۾ رابطو ٿيو هو، ان کانپوءِ امن ڪميٽي پي ٽي آءِ جي سپورٽ ڪندي هئي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته متحده طرفان پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ بعد عمران خان امن ڪميٽي جي حمايت کانسواءِ ڪراچي نه اچي سگهي ها. هن چيو آهي ته ثابت ٿي ويو ته امن ڪميٽي ۽ پي ٽي آءِ ۾ رابطا هوندا هئا، پي ٽي آءِ جا اڳواڻ عذير بلوچ کي دعوتون به ڏيندا رهيا. هن چيو ته صدر عارف علوي، گورنر عمران اسماعيل ۽ علي زيدي کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته امن ڪاميٽي سان ڳالهيون ڪري سي ويو واري ڌرڻي ۾ آندو وڃي. سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ وارن اڃا تائين ايڏي وڏي معاملي جي وضاحت ناهي ڪئي ته سي ويو تي سندن ڌرڻي ۾ امن ڪميٽي جا ڪارڪن ڇو موجود هئا؟. سعيد غني چيو آهي ته ڊاڪٽر فهميده مرزا سندس خلاف سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو آهي، کيس سنڌ جا حق ڦٻائيندڙ پي ٽي آءِ جي حمايت بدران صوبي جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. سعيد غني وڌيڪ چيو آهي ته نيب عمران خان، خسرو بختيار، جهانگير ترين ۽ وزيراعلي پنجاب جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي، مونکي ذاتي طور تي نيب مان ڪا به اميد نه آهي. سعيد غني چيو آهي ته معيشيت جي صورتحال انتهائي خراب آهي، پنجاب ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جو اگهه وڌي ويو جنهن جو اثر ٻين صوبن تي به پئجي سگهي ٿو. صوبائي وزير چيو آهي ته پي آءِ اي کي تباه ڪيو ويو آهي، ميڊيا جو ڌيان هٽائڻ لاءِ هي حرڪتون ڪن پيا، علي زيدي چول نه پر مها چول آهي، موٽرسائيڪل سوارن جي ڏنل لفافي تي خوش آھي. ان کان اڳ صوبائي وزير ناصر شاهه چيو  ته نيب نوٽيس تي حليم عادل شيخ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، هن کان اڳ سنڌ حڪومت ان معاملي تي نوٽيس وٺندي اينٽي ڪرپشن کان انڪوائري ڪرائي ۽ ھاڻي هو نيب جي ريڊار تي آهي. هن چيو آهي ته حليم عادل شيخ پاڻ مڃيو آهي ته هن غيرقانوني ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان کيس سنڌ جي صدارت تان هٽائي. هن چيو آهي ته جيڪو به غير قانوني ڪم آهي نيب اچي انڪوائري ڪري، هنن هر کاتي ۾ ڪرپشن ۽ غيرقانوني ڪم ڪيا آهن. هن چيو آهي ته آڊيٽر جنرل وفاقي حڪومت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي رپورٽ ڏني آهي پر ڪميشن تي ڪا ڪارروائي ناهي ٿي. هن چيو  ته حيسڪو، سيپڪو ۽ ٻين کي مڪمل سامان نه پيو ڏنو وڃي، آئل جي قيمت گهٽجڻ جو به ڪو فائدو ناهي ٿيو، پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ روز نوان ڊراما ڪري عوام جو اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ چاهن ٿا. ياد رهي ته حبيب جان هڪ چينل کي انٽرويو ۾ چيو هو ته اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري هجي يا عمران خان امن ڪميٽي جي تعاون کانسواءِ ڪراچي نه ايندا هئا.  

پهنجو تبصرو موڪليو