عمران سرڪار ارسا کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آھي،اسماعيل راھو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عمران سرڪار نيب ۽ ايف آءِ اي جيان ارسا کي به يرغمال بڻائي ڇڏيو، سنڌ جو پاڻي بند ڪري صوبي کي ڏڪار جي ور چاڙهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ جي زراعت واري وزير سنڌ ۾ پي ٽي آءِ کي به پاڻي بند ڪرڻ واري سازش ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو، اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ ۾ ساريون، وونئڻ ۽ ڪمند پوکڻ لاءِ پاڻي نه آهي، بدين ۾ پهرين مئي کان وونئڻ جي پوکي شروع ٿيندي آهي، پر پاڻي نه هجڻ سبب پوکي شروع نه ٿي سگهي، پاڻي نه هجڻ سبب صوبي ۾ وونئڻ جو فصل 20 ۽ ڪمند جو فصل 25 سيڪڙو متاثر ٿيو آهي، سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو