ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سيڪورٽي ادارن کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته جبري گمشدگين جو سلسلو ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪورونا جي وبا سبب خلق پريشان آهي اهڙي ۾ ماڻهن کي گم ڪرڻ جي پاليسي تي عمل معطل ڪيو وڃي. جڏهن حالتون بهتر ٿين ته سڀ اسٽيڪ هولڊر گڏجي ان بابت نئين پاليسي ٺاهين.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ سياستدان آهي، هي جمهوريت، معيشت ۽ ملڪ لاءِ خطرو آهي. سنڌ اسمبلي جي آڊيٽوريم ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران سندس رويو تمام گهڻو جارحاڻو نظر آيو. هن الزيم هنيو ته نيب سوڌو سمورا ادارا وفاقي حڪومت جي ڪرپشن لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سليڪٽرز کي جواب ڏيڻو پوندو ته جنهن کي ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ سليڪٽ ڪيو، اُن ئي ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن، پنجاب جي هيڏي وڏي ڪرپشن تي ڪو به سوال نه پيو ڪري، بي آر ٽي جي خرچي مان پي ٽي آءِ جو ڪچن هلي ٿو، بي آر ٽي تي اسٽي ختم ڪري نيب ۽ عدالت ڪم ڪن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي آر ٽي جو ڪانٽريڪٽر علي زيدي جو فرنٽ مين آهي، عمران خان مشرف جي ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو ورتو، عالمي توڙي ملڪي رپورٽس موجب هي حڪومت ڪرپٽ آهي، ميڊيا پي ٽي آءِ جي ڪرپشن جي ڊرامي کي وائکو ڪري، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته صوبن جو حصو ڪٽي اسلام آباد کي کارايو پيو وڃي، هن حڪومت جي هر سياسي انجنيئرنگ خلاف وڙهنداسين، سنڌ ۾ ڪورونا ٽيسٽنگ سهولتون ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي، سڄي دنيا ٽيسٽنگ وڌائي پئي هي حڪومت گهٽائي پئي، پي ٽي آءِ جي حڪومت ڄاڻي واڻي ٽيسٽ گهٽ ڪرائي پئي، عمران خان ڪشمرين کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي مودي جي شروع کان مخالفت ڪئي آهي، عمران خان مان ملڪ کي خطرو آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪشمير ڪاز کي نقصان رسايو آهي، صوبن کي وڌيڪ فنڊز جي ضرورت وقت گهٽ ڏنو ويو، سنڌ حڪومت گهٽ وسيلن باوجود بهتر بجيٽ پيش ڪئي، سنڌ پهريون ڀيرو بجيٽ ۾ ڪا نئين اسڪيم ناهي رکي، هن چيو ته آبادگارن جون زمينون ماڪڙ سبب خطري ۾ آهن، اسان ڪيس تائين هن نالائق حڪومت کي ڀوڳيندا رهنداسين، نيب ۾ ٻٽو معيار نه آهي ته بي آر ٽي تي اسٽي آرڊر ختم ڪرائي ڪيس کي انجام تائين ڇو نٿو پهچايو وڃي، پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو چيو ته ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ هلائيندڙ ابراج گروپ جي عمران خان سهولتڪاري ڪري رهيو آهي، اُن لاءِ بل گيٽس جي پروگرام کي به لُٽيو ويو، ايف آءِ جي اها رپورٽ لڪائي وئي آهي جيڪا پڌري ٿيڻ گهرجي.
عوام کي رليف نه پيو ملي، ڇا سمورا پئسا پگهارن ۾ ڏينداسين
وڏي وزير جو عهدو آسان نه هو، باهه جي درياءَ تان گذري پهتي آهيان
بلوچستان اسيمبلي اسپيڪر عبدالخالق بحال
خان ۽ بشريٰ کي رياستي ادارن خلاف بيان نه ڏيڻ جو حڪم
نسله ٽاور جي زمين وڪري ڪري متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جو حڪم
ايڪسچينج ۾ وڏي تيزي،انڊيڪس 72 ھزار 5 سئو جي نفسياتي حد پار
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پروٽوڪول واپس ڪري ڇڏيو
اسلام آباد ۾ نان ۽ ماني جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن معطل
مدھو بالا کي ايندڙ مهيني سفاري پارڪ منتقل ڪرڻ جو فيصلو
9 مئي جي ڪيسن ۾ فواد چوڌري کان جاچ جو فيصلو
قيادت کي خبر ھئي تھ عمران اناڙي آھي،بشير ميمڻ
گهوٽڪي مان اغوا ٿيل ٻن اهلڪارن سميت 4 ڄڻا بازياب
چونڊن ۾ مداخلت ڪيس، ٽرمپ جي 18 ساٿين تي فرد جرم لاڳو
قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ چيف سيڪيورٽي آفيسر مقرر
اداڪار جو انوکو ڪم،اسڪولي عمارت ڪيرائي ڇڏي، مار سبب قرار
ايراني صدر جو دورو،ڇا پاڪستان مغربي غلامي مان نڪرڻَ چاهي ٿو ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-04-25
اڄوڪي-اخبار-2024-04-25
عطا تارڙ سان پريس ڪلب جي وفد جي ملاقات،مسئلا حل ڪرڻ جي يقين ڌياني
نوَ سال اڳ قطر سان ڪيل معاهدي جا دستاويز گم ،وزيراعظم جو نوٽيس