عمران خان کي هٽلر بڻجڻ نه ڏينداسين، احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري جنرل احسان اقبال چيو آهي ته عمران خان کي ايف اي ٽي ايف جي اوٽ ۾ قانونسازي ڪري هٽلر بنجڻ نه ڏينداسين. اهڙو اظهار هن احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيند ڪيو. هن چيو ته ضمانت بعد منهنجي اڄ ستين پيشي هئي ۽ نيب هر دفعي  بهانو بڻائي مهلت گهري ٿي، ڇو ته ڪوڙي ڪهاڻي گهڙڻ لاءِ وقت گهرجي. هن مراد سعيد جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته ڪٿي آهي جي آءِ ٽي؟ ايترو عرصو گذري ويو ڪيس ڇو نه ٺهيو؟. هن چيو ته شراب جي پرمٽ جائز آهي پر نوجوانن لاءِ اسپورٽس ڪمپليڪس ٺاهڻ گناهه آهي؟ مان اهڙا گناهه ڪندو رهندس. ياد رهي ته نارووال اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ مبينه گهپلن جي ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو