عمران خان ڄاڻي واڻي فوج کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، شاهه

سکر(بيورو رپورٽ)پ پ جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو آٰءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرري جو بڻجي ويو آهي. فوج هڪ ڊسيپلين ادارو آهي ان جي پنهنجي ساک آهي عمران خان ڄاڻي واڻي ان کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي وقت ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده حڪومت عوام تي وڏو عذاب آهي. ملڪي صورتحال خراب ٿيڻ سبب ٻاهران کان ٿيندڙ انويسٽمينٽ کي به نقصان پهچي رهيو آهي.وفاقي حڪومت مسلسل مهانگائي مٿان مهانگائي جو عوام تي بار وجهي رهي آهي. عمران خان جو وس هلي ته عوام جي گهرن ۾ پيل سامان به کسي وٺي. موجوده صورتحال ۾ وزيراعظم کي سڀني سان ڳالهائڻ گهرجي. پارليامينٽ جي سڀ کان وڌيڪ اهميت هوندي آهي. عمران خان ڀارت ۽ آمريڪا سان ته ڳالهائي ٿو پر اپوزيشن سان نٿو ڳالهائي. اسان جي پرڏيهي پاليسي مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. صرف بلوچستان ۾ نه پورو ملڪ بحران جو شڪار آهي.

Nafisa Shah Photo Sindhyar

ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خورشيد شاهه ٻن سالن کان گرفتار آهي اهو عجيب انصاف جو نظام آهي.سندس ضمانت نه ٿيڻ هڪ سوال آهي. عدالتون پاڻ چئي چڪيون آهن ته نيب مخالفن لاء هڪ هٿيار آهي.آغا سراج دراني جي ضمانت رد ٿي وڃي ٿي، حڪومت پنهنجي من پسندن کي اين آرو ڏئي ڇڏيو آهي. هن ملڪ جي سياست جادو ڦيڻن حوالي ٿيل آهي هتي ڪو ئي نظام ناهي،

پهنجو تبصرو موڪليو