عمران جي مودي کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي فون تي مبارڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ڀارت جي هم منصب نريندرا مودي کي فون ڪري چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي، اچو ته عوام جي بهتري ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل فون تي ڳالهه ٻولهه جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته جمع تي عمران خان مودي کي ٽوئيٽ ذريعي مبارڪ ڏني هئي پر اڄ کيس فون ڪئي. ياد رهي ته 543 سيٽن واري لوڪ سڀا ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ سندس اتحادين کي 303 سيٽون مليون آهن جڏهن ته ڪانگريس کي 52 سيٽون مليون آهن. بنهي ملڪن ۾ فيبروري ۾ جنگي ماحول جڙي ويو هو جڏهن هندوستان جا جهاز پاڪستان م داخل ٿي پي لوڊ ڪيرائي بنا نقصان جي واپس ٿيا هئا. جنهن بعد پاڪستان ڀارت جا 2 جنگي جهاز ڪيرايا ۽ هڪ جو پائلٽ به گرفتار ڪيو هو جنهن کي جنگ ٽارڻ لاءِ فوري ڇڏيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو