عمران خان جو دوست نعيم الحق ڪينسر سبب فوت ٿي ويو

ڪراچي (شهزادو مستوئي) حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني اڳواڻ، وزيراعظم عمران خان جو پراڻو دوست ۽ سندس خصوصي معاون نعيم الحق وفات ڪري ويو. 70 سالن جو نعيم الحق ٻن سالن کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا رهڻ بعد ڪراچي ۾ زندگي جي بازي هارائي ويو. 11 جولاءِ 1949 تي پيدا ٿيندڙ نعيم الحق پيشي جي لحاذ کان هو بئنڪر ۽ ڪاروباري شخصيت هئي. هن ڪراچي يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ سند وٺڻ بعد ايل ايل بي جي ڊگري ورتي ۽ ڪجهه عرصو وڪالت ڪرڻ بعد نيشنل بئنڪ جوائن ڪئي. 1980 ۾ لنڊن منتقل ٿيو جتي اورنٽيئل ڪريڊٽ لميٽڊ ۾ بطور بئنڪر ڪم ڪندو رهيو. بطور بئنڪر هن آمريڪا، لنڊن ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪيو. ايرو ايشيا سان به منسلڪ رهيو. 1983۾ جڏهن عمران خان زخمي ٿيو هو ته هن پنهنجي ايڪسرسائيز سائيڪل سندس حوالي ڪئي هئي جتان سندس دوستي خان سان پڪي ٿي وئي هئي.

هن سياسي سفر اصغر خان جي تحريڪ استقلال مان شروع ڪيو، اورنگي ٽائون مان 1988 ۾ چونڊ وڙهيو پر هارائي ويو. هو ڪاروبار سان گڏ سياست ۾ به سرگرم رهيو. 1996 ۾ عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جو بنياد رکيو ته هي انهن 5 بنيادي ماڻهن ۾ شامل هو جن پارٽي ٺاهي هئي. 1997 ۽ 2001 ۾ جڏهن عمران خان کي شڪست ملي ته هي سندس سياسي سهارو بڻيو. 2008 ۾ جڏهن سندس گهرواري ڪينسر سبب فوت ٿي ته هن پاڻ کي تحريڪ انصاف لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جو پارٽي صدر به رهيو. 25 ڊسمبر 2011 ۾ جڏهن هن ڪراچي ۾ پارٽي جو تاريخي جلسو منعقد ڪرايو ته پارٽي کي ملڪي سطح تي مقبوليت ملي. 2018 جي چونڊن کان 8 مهينا اڳ کيس بلڊ ڪينسر جو مرض ظاهر ٿيو پر هن پارٽي لاءِ خدمتون جاري رکيون. عمران خان کيس وزيراعظم پنهنجو خصوصي معاون مقرر ڪيو ۽ هو 70 سالن جي عمر م ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو