عمران خان جا ڪيل واعدا وفا ناهن ٿي سگهيا؛ شير دل تمراڻي

ڪنب(صفدرچانڊيو)نيشنل پارٽي بلوچستان جي اڳواڻ ۽ تمراڻي برادري جي سردار شير دل خان تمراڻي بزنجو ڪنب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته عمران خان جا ڪيل واعدا پورا ناھن ٿي سگھيا ملڪ ۾ اٽي، گيھ ۽ ٻين شين جا اگھ چوٽ چڙھي ويا آھن. پنجاب حڪومت ۾ لوڏا نظر اچي رھيا آھن پر ھميشا اھو تاثر ڏنو ويو آھي ته سليڪٽڊ حڪومت ان لاءِ جيڪڏھن سليڪشن جا سربراھ چاھيندا ته پنجاب حڪومت ڪري نه سگھندي. ھن چيو ته ھن وقت غريب طبقي جا ماڻھو ويتر غريب ٿيڻ لڳا آھن والديـن کي گھرجي ته پنھنجي ٻارن کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارين ڇو ته تعليم سان ئي قومن ۾ سڌارو اچي سگھي ٿو. ھن وڌيڪ چيو ته تمراڻي قوم پراڻي قوم آھي تمام جلد سموري ملڪ ۾ رھندڙ برادري جي ماڻھن کي گڏ ڪري تنظيم جوڙي برادري کي مضبوط ڪيو ويندو. ان موقعي تي مير شھباز خان، شاھ مير، محمد رفيق، شفيق احمد تمراڻي ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ ھئا. ان کان اڳ سردار شير دل خان تمراڻي المھراڻ پبلڪ اسڪول ۽ عزيز اڪيڊمي اسڪول ڪنب جا دورا پڻ ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو