عمران خان احتساب جي ڪفن دفن جو انتظام ڪري، مريم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اڳوڻي فوجي جرنيل جي خاندان جي ملڪيت جي خبرن بابت چيو آهي ته هي فرد جو معاملو آهي جنهن تي الزام لڳو آهي ان کي جواب ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته انهن (الزامن) جو جواب ڪا سازش آهي نه پاڪ چين راهداري (سي پيڪ) جو بهانو آهي، ان معاملي ۾ رياست کي نه آڻڻ گهرجي. هن چيو ته سيپيڪ جي باني نواز شريف 60 ارب ڊالر پاڪستان آندا ان کي اڪامي جي ڪيس ۾ ڪڍڻ سان سيپيڪ تي ڪو اثر نه پيو ته هڪ فرد جي اچڻ وڃڻ سان يا احتساب کي منهن ڏيڻ سان ڪو فرق نه پوندو. هن ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم جيڪو سيپيڪ جو چيئرمين آهي تنهن جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته اوهان تي الزام تمام وڏا آهن، ثبوت به وڏا آهن، اوهان کي دفاع ڪرن گهرجي، پنهنجي پوزيشن قوم آڏو واضح ڪريو. جڏهن ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي تي سرڪاري عهدي تي آهيو ۽ ڪو الزام لڳي ٿو ۽ ان جا ثبوت به پيش ٿين ٿا ته اوهان کي قانون کي منهن ڏيڻ کان ڪترائڻ نه گهرجي. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ڇا اوهانجي پارٽي ڪا ان بابت قانوني ڪاروائي ڪندي ته هن چيو ته اهو فيصلو پارٽي پاڻ ڪندي. ميان نواز شريف جي واپسي بابت سوال تي هن چيو ته جنهن ڏينهن سندس طبيعت ٺيڪ ٿيندي ٻئي ڏينهن هو پاڪستان ايندو. ج ج ارشد ملڪ بابت سوال تي هن چيو ته سندس اعتراف انصاف جي منهن تي داغ آهي ان بعد ته نواز شريف جي سزا به ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مان عمران خان کان سوال ٿي ڪريان ته اڄ جڏهن عاصم سليم باجوا صاحب تي ثبوتن سان گڏ الزام لڳا آهن ته اوهانجي احتساب وارو بيانيو ڪهڙي غار ۾ گم ٿي ويو آهي، اڳتي وڌو عوام کي ٻڌايو ته اوهان احتساب ۾ يقين رکو ٿا. هن چيو ته مون وٽ ڪو سرڪاري عهدو به نه هو پوءِ مان قيد ڪاٽيو، نواز شريف موت جي منهن ۾ به قيد ڪاٽيو،  قانون آڏو سرينڊر ڪيو، ته پوءِ جسٽس فائز عيسيٰ، سندس گهرواري سيرينه عيسيٰ، مير شڪيل الرحمان، عمران خان ۽ عاصم سليم باجوا صاحب سڀ پاڪستان جا برابر جا شهري آهن. هن چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جو حاضر سروس جج هوندي، نواز شريف 3 ڀيرا وزيراعظم هوندي، مريم نواز ۽ سرينه عيسيٰ ڪو عهدو نه رکڻ باوجود به جيڪڏهن قانون کي منهن ڏيون ٿا ته پوءِ ڪنهن کي استثنيٰ نه هجڻ گهرجي. قانون آڏو سڀ برابر آهن. هن چيو ته عمران خان کي گهرجي ته هاڻي هو پنهنجي احتساب واري بيانيي جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو