عمران افغانستان جي صدر جوآڌرڀاءُ نه ڪري نا انصافي ڪئي آهي، زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وزيراعظم افغانستان جي صدر جو آڌر ڀاءُ نه ڪري نا انصافي ڪئي آهي. اهڙو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته چيئرمين سينيٽ هٽائڻ لاءِ نمبر گيم پوري آهي، حڪومت ختم ڪرڻ چاهيون ٿا جمهوري نطام نه. هڪ سوال تي هن چيو ته اختر مينگل جي حڪومت سان ملڻ سان اپوزيشن تي فرق نو پوندو، ڪل جماعتي ڪانفرنس ڪامياب رهي ۽ ان جا جلد نتيجا سامهون ايندا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جج دٻاءَ ۾ آهن، هنن جي پگهار اسان وڌائي هئي. ان کان اڳ افغانستان جو صدر اشرف غني ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو ته نور خان ايئر بيس تي سندس رزاق دائود استقبال ڪيو ۽ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. عمران خان ۽ اشرف غني پنهنجي پنهنجي ملڪ جي وفدن جو تعارف ڪرايو ۽ بعد ۾ ٻنهي ملڪن جي ليڊرن ون ٽو ون ملاقات ڪئي. جنهن ۾ افغان امن عمل، معيشت، سيڪورٽي، تجارت، معيشت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون بابت ڳالهيون ڪيون ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل احترام ۽ ڀروسي تي مشتمل تعلقات جي نئين دور جي شروعات ڪئي ويندي.  ٽاجڪستان، افغانستان، پاڪستان ۽ انڊيا تائين بجلي جي ٽرانسميشن لائن رٿا بابت ٻنهي سربراهن چيو ته اهو خطي جي خوشحالي جو منصوبو آهي، ان کي مڪمل ڪيو ويندو. جمع تي مهمان صدر لاهور ويندو، بادشاهي مسجد گهمندو. جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وفدن ۾ معيشت، سيڪورٽي، امن و امان، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون بابت ڳالهيون ٿينديون ۽ معاهدن جو به امڪان آهي.

خميس تي شام جو افغان صدر اشرف غني قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو ۽ ٻين پاڪستاني اڳواڻن سان سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. مسلم ليگ (ن) جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب افغان صدر اشرف غني شهباز شريف سان ملاقات ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شهباز شريف افغان صدر کي نواز شريف جي طرفان خيرسگالي جو پيغام به ڏنو. جڏهن ته افغان صدر اشرف غني پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان به ملاقات ڪئي. پيپلزپارٽي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ فرحت الله بابر ۽ شيري رحمان به شامل هئي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو افغان امن عمل متعلق نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته 2014 کان افغانستان جي صدر جو هي ٽيون دورو آهي. اشرف غني پاڪستان تي الزام هنيو هو ته هو سندن اندروني معاملن ۾ مداخلت ٿو ڪري ۽ ڪوئٽا ۾ موجود طالبان افغانستان ۾ ڳڙ ٻڙ ڪري رهيا آهن. پاڪستان انهن الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو