علي مردان شاهه بهادر سياست جي درسگاهه هئي، پونجو ڀيل

عمرڪوٽ ( الله بخش آريسر ) ضلعي جي هندو برادري پاران هڪ نجي هال ۾ سيد علي مردان شاهه جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته سيد علي مردان شاهه پنهنجي سموري زندگي عوام جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي ۽ هن کي سياست ۾ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو تسلسل سندن مامي شاهه مراد شاهه کان مليو، هن هميشه اقليتي برادري جي ماڻهن کي پنهنجي گهر جي ڀاتين وانگر اوليت ڏني ۽ هر غريب توڙي مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪئي،  سيد علي مردان عوام جو محافظ هو ۽ هن هميشه سياست جي ميدان ۾ پنهنجو حوصلو بلند رهيو ۽ هميشه سوڀ ماڻي جيڪا عوام جي ڪيل خدمتن جو نتيجو آهي، سيد علي مردان شاهه پنهنجي هٺ هلائي ويو جيڪا يقينن ان پنهنجي خاندان جي ڏسيل واٽ جي پاسداري ڪئي، سيد علي مردان شاهه هميشه انصاف جو بنياد رکيو ۽ ڪڏهن به مذهبي سياست نه ڪئي ۽ هميشه پنهنجي سياست ۾ سمورين برادرين کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته سيد علي مردان شاهه جي ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو وڃي ۽ ان روايت کي برقرار رکندي عمرڪوٽ ضلعي جي ماڻهن سان اهو واعدو ٿو ڪجي ته عوام جي خدمت عوامي جذبي سان جاري رکي ويندي ۽ سموري اقليتي برادري سيد امير علي شاهه جا اڃا وڌيڪ هٿ مظبوط ڪري ان کي ڪامياب ڪندي، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جي خصوصي معاون پونجو مل ڀيل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته سيد علي مردان شاهه هڪ يونيورسٽي هيو جنهن ۾ بهادري جو درس ڏنو ويندو هيو  ۽ هن سياست جي ميدان ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، هو هڪ بيباڪ سياستدان هيو ۽ هن سان جڏهن به ڪو ڪمزور يا مسڪين ماڻهو مليو ته يقينن بهادر بڻجي ويو جيڪا وڏي هڪ خاصيت هئي، اسان کي سيد علي مردان شاهه جي ڏنل واٽ کي اڳتي وڌائيڻو آهي ۽ اهو سلسلو جاري رکڻو آهي، ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي چئرمين خالد سراج سومرو خطاب ڪندي چيو ته سيد علي مردان شاهه هڪ سياسي سمنڊ هيو جنهن ۾ وڏائپ ، سهپ ۽ سياڻپ هئي، هن همِيشه غريب ۽ لاچار ماڻهن جي مدد لاءِ آواز اٿاريو، سيد علي مردان شاهه جي اوڇتي وڇوري سبب سموري ضلعي جي عوام ڏکايل آهي، ان موقعي تي عمرڪوٽ جي سموري هندو برادري جي مختلف ذاتين سان تعلق رکندڙ اڳواڻن پاران سيد علي مردان شاهه کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي پ پ جنرل سيڪريٽري ضلع عمرڪوٽ صوفي نواز، ٽيڪم داس هرچنداڻي، بنسي لال مالهي، سيٺ برج لال مهيشوري، موهن لال ڪلال، اتم سنگراسي، اتم داس سونارو، پروفيسر ميرچند اوڏو، ڏونگر مل سوٽهر، ڊاڪٽر لڇمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو