علي محمد خان جي پوئنرن سان پاڳارو ۽ شجاعت جي فاتحه

خانپور مهر(حميد سيال) جي ڊي اي سربراھ  پير پاڳارو سيد صبغت الله شاهه راشدي ۽ سندس ننڍي ڀاءُ سيد صدردين شاھ راشدي خانڳڙھ گوھر پئلس پھچي علي محم خان مهر جي وفات تي عذر خواهي ڪئي. هنن ايم پي اي علي گوھر خان مھر، ايم پي اي راجا خان مھر، صوبائي صلاحڪار محمد بخش خان مھر، مرحوم جي پٽ احمد علي خان مھر۽ ضلعي چيئرمين حاجي خان مھر سان تعزيت ڪري ڏک جو اظھار ڪيو. گذريل ڏينهن مسلم ليگ (ق جي اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي نصرت سحر عباسي خانڳڙهه پهچي عذر خواهي ڪئي هئي. ٻه ڏينهن اڳ جميعت علماءِ اسلام سنڌ جو سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو پڻ عذر طواهي لاءِ خانڳڙهه آيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو