علامه اقبال يونيورسٽي پاران مورو ۾ 55 ليپ ٽاپ ورهايا ويا

مورو(مورائي اياز سولنگي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي طرفان شاگرد ۽ شاگردياڻين کي ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ ٿي گذري جنھن جي صدارت مهراڻ ٽي وي جي سرواڻ غلام نبي مورائي ڪئي ۽ مهمان خاص علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر  ريجنل سروس انعام الله شيخ، ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ريجنل ڊائريڪٽر محسن علي موسوي سوشل سماجي اڳواڻ رحيم بخش ميمڻ، ۽ گرلس هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس آپا زيبا ميمڻ هئا.

ان موقعي تي شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ 55 ليپ ٽاپ ورهايا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي مهراڻ ٽي وي جي سرواڻ غلام نبي مورائي چيو ته مورو شهر منهنجي ماتر ڀومي آهي هن شهر سان ۽ سنڌ سان منهنجي محبت آهي تعليم جي واڌاري سڌاري بهتري لاءِ، ۽ سنڌ جي تعليم يافته نوجوانن نياڻين کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪرڻ ۽ انهن کي اڳتي آڻڻ وارو مشن جاري آهي هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي لاءِ مورو ۾ هڪ ايڪڙ زمين مفت ڏني آهي جتي يونيورسٽي جي ڪئمپس قائم ڪئي پئي وڃي ان کان علاوه ٻه ايڪڙ ٻئي به زمين تعليمي ادارا کولڻ لاءِ مان مفت ۾ ڏني آهي ته جئين مورو ۾ بھتري تعليمي ادارا قائم ٿين هنن ادارن مان نوجوانن ۽ نياڻيون اعليٰ تعليم حاصل ڪري اعليٰ مقام تي پهچين ۽ دنيا ليول تي مورو ۽ سنڌ جو نالو تعليم جي لحاظ کان روشن ٿئي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻھن کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي ڪنهن کي به نعرن تي ووٽ نه ڏيو ۽ سنڌ جي بهتر سوچ رکندڙ ماڻهن کي ووٽ ڏيو ته جئين هو سنڌ عوام ۽ تعليم جي بهتر خدمت ڪري سگهن سنڌ جا ماڻهو ڊپ وارو رجحان ختم ڪن جن کي ووٽ ڏين ٿا انهن کان پڇاڻو ڪن هن چيو ته سنڌ سان منهنجو ازلي عشق آهي سنڌ کان سوا منهنجي لاءِ ٻيو ڪو به عظيم نه آهي جيڪو سنڌ کي درد ڏک ڏيندو ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، جڏهن ته انعام ﷲ شيخ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ذھين ۽ مهان ماڻھن سان ڀري پئي آهي جنھن ۾ غلام نبي مورائي پڻ شامل آهي هن جون خدمتون شروع کان وٺي هن مهل تائين تاريخ جو حصو بڻيل آهن انسانيت جي خدمت ۽ سنڌ جي خدمت ۽ تعليم جي خدمت هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي جنهن جو تعلق مورو سان آهي اهو مورو کي اعزاز حاصل آهي هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ساڊا 14 لک شاگرد آهن ۽ هن يونيورسٽي مان ڊگريون حاصل ڪندڙ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ماڻهو موجود آهن ٻيا صوبا ۽ ٻيا ماڻهو هن يونيورسٽي مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن سنڌ جا ماڻهو هن يونيورسٽي مان فائدو حاصل ڪن هن چيو ته غلام نبي مورائي طرفان يونيورسٽي جي ڪئمپس قائم ڪرڻ لاءِ جيڪا هڪ ايڪڙ زمين مفت ڏني آهي انهيءَ تي مان هن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو هي يونيورسٽي سنڌ جي مثالي قائم ٿيندي ۽ جنهن جو اعزاز پڻ مورو کي هوندو. هن يونيورسٽي مان سنڌ جي ڪيترن ضلعي جي شاگرد، شاگردياڻين کي فائدو حاصل ٿيندو. سماجي سوشل اڳواڻ رحيم بخش ميمڻ چيو ته منهنجي جنم ڀومي مورو آهي مان هتان جي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي نوڪري جي لحاظ کان پرڏيهي هليو ويس پر ڪڏهن به مورو ۽ سنڌ کي وساريو نه آهي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن هن چيو ته تعليم جي ذريعي ئي انسان فرش کان عرش تائين پهچي ٿو ۽ تعليم سان ئي مهان انسان ٿين ٿا ۽ تبديلون اچن ٿيون جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو پنهنجي اولاد ۽ نياڻين کي تعليم ڏيارن ۽ ڪاپي کان پاسو ڪن مورو ۾ تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽي جي ڪئمپس قائم ٿيڻ سان مورو جي شاگردن کي وڏو فائدو حاصل ٿي سگهندو غلام نبي مورائي طرفان ان سلسلي ۾ جيڪا زمين مفت ۾ ڏني آهي اسان ۽ مورو جي عوام کين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ ٻيا پيدا ٿي پون ته سنڌ جي تقدير بدلجي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو