عطائي ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن سبب ٻارڙي فوت

گهوٽڪي (ن س) گهوٽڪي ۾ هڪ عطائي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب نينگري تڙپي فوت ٿي وئي، وارثن جواحتجاج ۽ عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. انڊر پاس ڀرسان ويٺل اصغر علي شر جي 9 سالن جي ڌيءَ اميدان شر کي بخار سبب عطائي ڊاڪٽر چيتن ڪمار جي اسپتال آندو ويو. جتي کيس انجيڪشن لڳائي وئي ته ٻارڙي جي حالت خراب ٿي وئي. وارث کيس سرڪاري اسپتال کڻائي پهتا، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. نينگري جي وارثن احتجاج دوران دانهيو ته عطائي ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن سبب ٻارڙي فوت ٿي آهي، سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو