عطائي ڊاڪٽر جي انجيڪشن سبب نوجوان فوت؟

صالح پٽ (رپورٽ نياز مهر)ميهر موڙ وٽ عطائي ڊاڪٽر غلام مهدي  شاھ مبينه غلط انجيڪشن سبب مريض فوت ٿي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته مدي خارج انجيڪشن سبب سندن نوجوان راجيش ڪمار ولد ٻنو ماڙيچو فوت ٿيو. وارث پاران عطائي ڊاڪٽر کي پٽون ۽پاراتا ڏيندا رهيا ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته عطائي ڊاڪٽر هٿان ڪجهه وقت اڳ مسمات مبارکان ولد حمزو ڪلادي عمر 30 سالا ۽حاجن ولد اربيلو عمر 22 سال به  فوت ٿيا هئا. واقعي واري هنڌ صحافين جي ٽيم پھتي ته عطائي ڊاڪٽر فرار ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو