عطائي جي انجيڪشن سبب نينگر فوت، وارثن جو احتجاج

ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان  5 ساله  معصوم نينگر حسنين پٽ رانجهن چانگ غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري  فوت ٿي ويو ٻي طرف وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي معصوم نينگر کي معمولي بخار هو جنهن جي طبعيت ڏيکارڻ لاء  غربت هجڻ سبب پسگردائي واري ڳوٺ ۾ هڪ عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي آندو ويو جتي کيس ڊاڪٽر پاران مبينا طور غلط انجيڪشن لڳائي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ گلن جهڙي معصوم نينگر جي حالت ويتر خراب ٿي ويئي جنهن کي فوري طور وارثن پاران کيس ماتلي جي سرڪاري اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران معصوم نينگر جي فوت هجڻ جي  تصديق ڪئي ويئي جنهن بعد نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ وارثن سخت احتجاج ڪندي اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته قاتل عطائي ڊاڪٽر خلاف فوري طور قانوني ڪاروائي ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو