عصمت کاڻيجو جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ڪاشف شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ  ڪورنگي جي سرڪاري اسپتال ۾ سنڌ جي نياڻي عصمت خاڻيجو کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي تي سخت ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ عورتن ۽ نياڻين لاءِ عزت سان زندگي گذارڻ محال ٿي ويو آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي جي حڪومت دوران سرڪاري اسپتالن، اعلى تعليمي ادارن سميت شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ عورتن سان زيادتيون ۽ سندن قتل جا واقعا عام ٿي چڪا آهن جنهن جو مثال رمشا وساڻ، تانيه خاصخيلي، صائمه جروار ۽ نائله رند جهڙا واقعا آهن، جنهن ۾ پوليس ۽ سرڪاري پارٽي جا ڀوتار ۽ بيوروڪريسي توڙي ڏوهاري ماڻهو ملوث آهن. هن وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ملوث درندن ۽ وحشين کي عبرت ناڪ سزا ڏيڻ بدران پوليس ۽ انتظاميه پڻ متاثر ڌُرين کي هيسائي معاملي کي لئه مٽ ڪرڻ ۾ پوري هوندي آهي . هن گهر ڪئي ته فوري طور تي متاثره خاندان ۽ عصمت کاڻيجو کي انصاف ڏيڻ لاءِ واقعي ۾ ملوث وحشي جوابدارن کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلائي کيس ڦاهي تي لٽڪايو وڃي ته جيئن آئنده ڪنهن کي سنڌ جي نياڻين سان اهڙي بي واجبي ڪرڻ جي جرئت نه ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو