عزيز ميمڻ جي جنازي ۾ حڪومت خلاف نعرا، مٽي ماءُ حوالي

نوشھروفيروز (مشتاق حسين مري ) محرابپور جي سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سڄي سنڌ کان آيل صحافين کان علاوه سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جناز نماز دوران قاتلن جي گرفتاري لاءِ ۽ سنڌ حڪومت خلاف زوردار نعرا هنيا ويا. صحافين چيو ته عزيز ميمڻ هڪ بيباڪ صحافي هو ۽ هنکي سچ لکڻ جي سزا ڏني وئي آهي. جنهن بعد هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. محرابپور پوليس عزيز ميمڻ جي ڪيمرا مين کي ڪالهه ئي گرفتار ڪري تحقيقات ڪري رهي آھي پر هن مهل تائين صحافي جي قتل جو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو. واضح رهي ته ڪالهه نامعلوم ماڻھن شهيد صحافي عزيز ميمڻ کي مائيڪ جي تار سان گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ڳوڌو مائنر ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا هئا.مقتول جي ڀاءُ حفيظ ميمڻ صحافين کي ٻڌايو هو ته سندس ڪيمرا مين هڪ دعوت ۾ ڇڏڻ ويو هوجتان هو واپس نه موٽيو هو. ياد رهي ته بلاول ڀٽو جي ٽرين مارچ دوران هن خبرون هلايون هيون ته پي پي جي مقامي قيادت ڪرائي تي استقبالي ڪارڪن گهرايا هئا ۽ کين طئي ٿيل معاوضو نه ملڻ تي هنن احتجاج ڪيو هو. جنهن بعد نوشهروفيروز جي هڪ ايم پي اي کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون هيون ۽ هن اسلام آباد ۾ به احتجاج ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو