عزت جي وانڍ تي پوليس چڙهائي، مال ماري 3 ڄڻا گرفتار

مدئجي(ن س)ڳوٺ عزت جي وانڍ تي لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن اي پي سي چين سميت سي آءِ اي انچارج برڪت ڪورائي جي اڳواڻي ۾ چڙهائي ڪري جوڻيجا برادري جي گهرن ۾ داخل ٿي گهر گهر تلاشي ورتي. جنهن دوران پوليس اهلڪارن گهرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪندي گهرن مان مبينا طور ڦرلٽ ڪندي عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو  ته عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. پوليس اهلڪارن گهرن ۾ بيٺل 15 کان مٿي مينهون، موٽر سائيڪل، ڪاهڻ سان گڏ ڳوٺ مان ٽن ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻي وئي.

رابطو ڪرڻ تي لاڙڪاڻي پوليس جو چوڻ هوته ضلعي مان ٿيل ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪارروائي ڪئي پر ڏوهاري اڳواٽ اطلاع ملڻ تي فرار ٿي ويا,ڏوهارين جي گرفتاري تائين ڪارروايون جاري رهنديون.  ٻئي طرف پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺ عزت جي وانڍ جي رهواسي عورتن مسمات حاڪم زادي,نواب,نسيم خاتون ۽ ٻين دانهون ڪندي چيوته پوليس بناجواز گهرن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاھ ڪندي وحشياڻو تشدد ڪري گهرن ۾ پيل سمورو الهه تلهه ٻهاري وئي آهي. هنن اعلي اختيارن ۽ وس وارن کان اپيل ڪندي چيو ته اسان  جي گهرن مٿان بناجواز چڙهائي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو