عرب شڪاري ٿرپارڪر پهچي ويا، ڪيمپ قائم

مٺي (ڊ ر) عرب شهزادا شڪار لاءِ ٿرپاڪر ضلعي ۾ پهچي ويا، ڏاهلي، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر ۾ ڪئمپون قائم ٿي ويون. عرب شهزادا ناياب پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪندا، وفاق ۽ صوبائي حڪومت عرب شهزادن کي شڪار لاءِ اجازت ڏني آهي، عام شهري ناياب پکين ۽ جانورن جو شڪار نٿا ڪري سگهن، وفاقي ۽ صوبائي سرڪار صرف عرب شهزادن کي شڪار جي اجازت ڏني آهي، ٿرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ عرب شهزادن جي آجيان لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو