عذير بلوچ ٻن وڌيڪ ڪيسن مان بري، آزادي جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري گينگ وار جو سربراهه عذير بلوچ وڌيڪ ٻن ڪيسن مان بري ٿي ويو، ڪراچي جي عدالت عذير بلوچ کي لياري جي ٿاڻن تي حملن ۽ گاڏيون ساڙڻ وارن ٻن ڪيسن ۾ شاهديون نه ملڻ تي آزاد ڪيو، عدالت حڪم ڏنو آهي ته جيڪڏهن جوابدار ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ نامزد ناهي ته کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي، عذير بلوچ هيل تائين 17 ڪيسن مان بري ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو