عذير، مورائي ۽ سانحه بلديه بابت رپورٽون پڌريون ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم کي مبينه طور ڀتو نه ڏيڻ تي  بلديه  فيڪٽري کي باهه ڏئي 259 پورهيتن کي زندهه ساڙڻ سميت  لياري گينگ وار جي مک ڪردار  عزير بلوچ ۽ ڊاڪٽر  نثار مورائي جي جي آءِ ٽيز جون  رپورٽون عوام لاءِ پڌريون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم وفاقي وزير علي زيدي جي درخواست منظور ڪندي ڏنو.  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير علي حيدر زيدي جي وڪيل ايڊووڪيٽ عمر سومرو  پاران داخل ڪيل درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو هو ته  سنڌ حڪومت ڀتو نه ڏيڻ تي بلديه واري علائقي ۾ گارمينٽ فيڪٽري کي باهه ڏئي 259 پورهيتن کي زندهه ساڙڻ سميت  لياري گينگ وار جي اهم ڪردار عزير بلوچ ۽ ڊاڪٽر نثار مورائي کان پڇاڳاڇا لاءِ سنڌ پوليس جي ايس ايس پي جي سربراهي ۾  جي آءِ ٽيز جوڙيون جن ۾  آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن جا نمائندا شامل هئا. جي آءِ ٽيز ڄاڻايل ڏوهن بابت پڇاڳاڇا ڪري پنهنجي رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي پر ان کي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود اڃا تائين سنڌ سرڪار رپورٽن کي عوام لاءِ پڌرو نه ڪيو آهي جيڪو ڄاڻ تائين رسائي واري قانون جي خلاف آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بلديه ٽائون فيڪٽري کي باهه ڏيڻ وارو واقعو انتهائي سنگين نوعيت جو ڏوهه آهي جنهن ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي 259 پورهيتن کي زندهه ساڙيو ويو. اهڙي ريت لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ به دهشتگردي جي علامت رهيو جنهن پنهنجي گروهه پاران لياري سميت شهر جي امن کي نقصان رسايو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪرڻ سان گڏ سندن معاشي قتل پڻ ڪيو. هن چيو ته عذير بلوچ لياري کي ”وار زون“ بڻايو هو. وڪيل موجب ڪراچي ۾ ٿيندڙ خونريزي ۾ پوليس ۽ سرڪاري آفيسر به ملوث رهيا  جيڪي هاڻي ترقي ڪري اهم عهدن تي پهتا آهن جنهن بابت پڻ عذير بلوچ  جي  آءِ ٽي آڏو اهم انڪشاف ڪيا آهن جنهن تي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لازمي آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر نثار مورائي پڻ جي آءِ ٽي آڏو انڪشاف ڪيا آهن جنهن جي رپورٽ پڻ سنڌ حڪومت وٽ موجود آهي پر ان کي  پڌرو نه ٿو ڪيو وڃي جنهن سان لڳي ٿو ته سنڌ سرڪار ڏوهارين کي بچائڻ چاهي ٿي جنهنڪري گذارش آهي ته سنڌ سرڪار کي ڄاڻايل ٽئي جي آءِ ٽيز جون رپورٽون ظاهر ڪرڻ جو حڪم ڏنووڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو