عدنان سميع ڀارتي صدر کان پدما شري ايوارڊ وصول ڪري ورتو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)گلوڪار ۽ موسيقار عدنان سميع خان، جنهن پنهنجي پاڪستاني شهريت ڇڏي ڀارتي شهريت اختيار ڪري ورتي هئي، تنهن کي ڀارتي حڪومت طرفان اعليٰ ترين سول ايوارڊ ’پدما شري ايوارڊ‘ سان نوازيو آهي. رياستي نشرياتي اداري پريس انفارميشن (پي آءِ بي) ڀارت موجب، ڀارتي صدر رام ناٿ ڪووند 8 نومبر تي صدارتي محل ۾ منعقد تقريب ۾ 73 شخصيتن کي اعليٰ ايوارڊن سان نوازيو.

هندستان جي صدر 4 ماڻهن کي ٻيو نمبر وڏو اعزاز ’پدم وڀوشن‘، ٽيون وڏو اعزاز ’پدم ڀوشن‘ 8 ماڻهن کي ۽ چوٿون وڏو اعزاز ’پدم شري‘ 61 ماڻهن کي ڏنو. گلوڪار ۽ موسيقار عدنان سميع خان انهن 61 شخصيتن ۾ شامل هو، جن کي صدر رام ناٿ ڪووند طرفان چوٿون وڏو سول ايوارڊ ’پدم شري‘ سان نوازيو. ڀارتي صدر ڪل 30 پدم شري ايوارڊز فائن آرٽ جي شخصيتن کي ڏنا آهن ۽ وصول ڪندڙن ۾ اداڪارا ڪنگنا رناوت، فلمساز ڪرن جوهر ۽ پروڊيوسر ايڪتا ڪپور به شامل آهن. فنون لطيفه کان علاوه هندستاني صدر طب، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ پڻ عطا ڪيا. وزيراعظم نريندر مودي ۽ ٻين اعليٰ حڪومتي عهديدارن به ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ گلوڪار عدنان سميع خان جي گهرواري پڻ موجود هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو