عدليا اندر ميرٽ کي لتاڙڻ واري خطرناڪ سوچ!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چئن سينئر ججن سميت ميرٽ تي پورو لهندڙ چيف جسٽس احمد علي شيخ کي باءِ پاس ڪري سينئرياٽي جي بنياد تي پنجين نمبر تي ايندڙ جسٽس محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ جو جج بنائڻ لاءِ ٿيل سفارش جي خلاف ڪالهوڪي ڏينهن تائين جتي پوري سنڌ جا وڪيل هڪ فڪر واري سوچ ۾ ورتل هئا، اتي ساڳئي وقت پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي اهڙي سفارشي عمل جي خلاف پوري ملڪ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي، ان حوالي سان پاڪستان بار ڪائونسل جيڪا پوري ملڪ جي وڪيلن جي هڪ متحد وڪيلن جي يونين بار آهي، جنهن پاران سينارٽي کي نظرانداز ڪرڻ خلاف پوري ملڪ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي، جنهن دوران اڄ سڄي ملڪ جي وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين ٽن ججن جي سينارٽي کي نظرانداز ڪرڻ واري عمل کي ناقابل برداشت قرار ڏيندي نه رڳو ڀرپور احتجاج ڪيو آهي پر گڏوگڏ اڄ سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل جي ڏنل ان سڏ کان پهرين سنڌ بار ڪاونسل پاران به اهو ئي آواز اٿاريو ويو هو ته سينارٽي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ ٻين بارن سان گڏ حيدرآباد بار به هڪ سگهارو آواز بڻجي ان اهم معاملي تي سامهون آئي آهي ۽ اهو سوال اٿاريو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان آخر اهڙو ورتاءُ ڇو اختيار ڪيو پيو وڃي؟

مون تازو گذريل ڪالم ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو هو ته عدالت اندر ميرٽ کي لتاڙڻ واري جيڪا سوچ اختيار ڪئي پئي وڃي، سا ڪنهن به جمهوري، خودمختيار ملڪ توڙي آئيني معاملن کي نٿي جُڳائي بلڪه هي سوچ ناانصافي جي عڪاسي ٿي ڪري. هڪ وڪيل ۽ قانوندان جي حيثيت سان  منهنجي راءِ اها آهي ته سينارٽي کي نظرانداز ڪرڻ واري سوچ ڪنهن به طرح اسان جي جڊيشري لاءِ سٺو سنئوڻ نه هوندي. تازو جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان جسٽس نورالحق قريشي، رٽائرمينٽ ورتي هئي، ان کانپوءِ آئيني طور ان جاءِ تي سنڌ مان مقرري ٿيڻي هئي، حالانڪه ان لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار جي صدر ۽ قابل ترين وڪيل اياز حسين تنيو جو نالو به تجويز ڪيو ويو هو پر ان کي نظرانداز ڪيو ويو. بهرحال، اسان جي ملڪ ۾ عدالت کان وٺي هر ڊپارٽمينٽ تائين سنڌي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، خاص ڪري موجوده وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻهن جي ٽئلينٽ جو مذاق اڏايو آهي، پر جڏهن به ملڪ کي ڪي مسئلا درپيش آيا آهن ته سدائين سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، پر جڏهن انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪيو ٿو وڃي.

ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن هن ملڪ کي آئين ڏنو، هن سان ڇا ڪيو ويو، هر باشعور فرد ڄاڻي ٿو، اوهان کي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي 12 مئي تي ڪراچي آمد ياد هوندي، جهڙي طريقي سان وڪيلن ساڻس وفاداري جو ثبوت ڏنو، جانيون قربان ڪري ڇڏيون، پر تڏهن به انهن کي اڄ تائين انصاف نه ملي سگهيو، خاص ڪري ان ۾ حيدرآباد بار پاڻ ملهائي ڏيکاريو، پر هاڻ به جڏهن عدالت ۾ ميرٽ جي لتاڙ وارو معاملو ايندو ته وڪيل هميشه ثابت قدم رهندا. اڄ جڏهن سنڌ مان هڪ سينئر ترين جج جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جو اهل آهي ته ان کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو سنڌي آهي، اوهين هن کي باءِ پاس ڪري ڪهڙو پيغام ڏيڻ ٿا چاهيو؟ اعليٰ عدليا جا سڀ جج نهايت قابل احترام آهن پر حق جي ڳالهه آهي ته جيڪو سينئر آهي، اهل آهي، اهو ئي اڳتي آندو وڃي ته اهو قدم آئين ۽ جڊيشري لاءِ خوش آئنده ثابت ٿيندو. نه وري هڪ تضاد وارو ماحول پيدا ڪري تعصباڻا رويا اختيار ڪيا وڃن، مون اڳ به ذڪر ڪيو هو ته جڏهن چيف جسٽس احمد علي شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور حلف کڻي رهيو هو ته گهڻن کي تڪليف پهتي هئي، هاڻ به هو نٿا چاهين ته چيف جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ جو جسٽس مقرر ٿئي، جيڪو اڳتي هلي چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيڻو آهي. بهرحال آئون سمجهان ٿو ته جڊيشري ۾ ميرٽ کي اوليت ڏيڻي آهي ته پوءِ چيف جسٽس احمد علي شيخ کي نظرانداز ڪرڻ واري روش ختم ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ سنڌ جا وڪيل ڪنهن فيصلائتي تحريڪ کان نه مُڙندا.

advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو