عدالت پاران ڦورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

نوشھروفيروز)ڊ ر) ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمن جي عدالت ۾ درخواست گذار عاشق ڌونڌڻ، ايڊووڪيٽ ثاقب ڪلھوڙو جي معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته نوشھروفيروز ڀرسان ڳوٺ رمضان ڌونڌڻ ۾ جوبدار سڪندر ڌونڌڻ، شيرل، نورل، پسند علي، ضمير، حمير، امجد، شاھنواز، عرفان ۽ آفاق هٿيارن سميت منهنجي گهر ۾ داخل ٿي مون کي يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ بعد گهر ۾ پيل 35000 هزار روڪ ۽ ڏيڍ لک رپين جو سون کڻڻ بعد موتمار ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا. عدالت اھڙو موقف ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او نيوجتوئي کي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو