عدالت پاران صنعتي پلاٽن تان ڪيل قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اورنگي ۽ بلديه ٽائون ۾ ڪاٽيج انڊسٽري لاءِ مختص 4 هزار پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ڪي ايم سي، بورڊ آف روينيو، چيف سيڪريٽري کي 2 ڏينهن ۾ زمين جي سروي مڪمل ڪرڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي قبضا ڇڏائڻ ۾ لاڳاپيل اداري جي مدد جي هدايت ڪئي، ڪي ايم سي اختيارن عدالت کي ٻڌايو ته ننڍن واپارين کي 4 هزار جي لڳ ڀڳ پلاٽ الاٽ ڪيا ويا هئا ته جيئن اهي ننڍيون فيڪٽريون لڳائين، روينيو کاتي ڪجهه زمين ٻين ماڻهن کي به الاٽ ڪئي هئي، زمين جي ڪافي حصي تي قبضا ٿي چڪا آهن. جنهن تي جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته 4 هزار فيڪٽريون لڳڻ سان 40 هزار ماڻهن کي روزگار ملي ها، صوبي جي ٽيڪس آمدني ۾ اضافو ٿئي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو