عدالت پاران انڊر ٽرائل قيدي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس غير سزا يافته انڊر ٽرائل قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. 1362 اهرن قيدين جي ضمانتن جي درخواستن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جيلن م گنجائش به گهٽ آهي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ جو خطرو به آهي. ڊي سي اسلام آباد عدالت جي پڇڻ تي چيو ته هن مهل تائين جيلن ۾ ڪنهن قيدي کي ڪورونا وائرس جي تصديق ناهي ٿي. ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته جن جي اڳ ۾ ضمانت رد ٿيل آهي ۽ نيب هٿان گرفتار قيدين جو ڇا ٿيندو؟ عدالت چيو ته نيب ڪيسن بابت اڳ ۾ چئي چڪا آهيون ته غير ضروري گرفتاريون نه ڪريو. ٻين معاملن بابت صوبائي حڪومتون پاڻ قانون موجب فيصلو ڪن. عدالت چيو ته جيڪي ماڻهو ٿاڻن ۾ بند آهن ۽ جيل ناهن ويا انهن سڀني کي آزاد ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو