عدالت ٻن انجنيئرز کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

سکر (جيرام داس ) احتساب عدالت ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار ورڪس ۽ سروسز جي ٻن ايڪسئينز کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ نيب سکر جي ٽيم ڪارروائي ڪري شڪارپور جي ورڪس ۽ سروسز ڊپارٽمينٽ جي ڪمن ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ طفيل کوسو ۽ الهڏتو پنهيار کي گرفتار ڪيو هو، اڄ کين نيب احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي نيب جي درخواست تي عدالت گرفتار ٻنهي ايڪسئينز جي رمانڊ ۾ ست ڏينهن جي واڌ ڪندي 4 فيبروري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو