صحافي قتل ڪيس جي مک جوابدارن جي ضمانت رد، گرفتار

نوشهروفيروز(رپورٽ مشتاق حسين مري) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج قاضي منظور شهيد صحافي جي قتل ۾ ملوث مُک جوابدار ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر ۽ استاد غلام علي راڄپر جي ضمانت رد ڪري عدالت جي احاطي ۾ کين هٿڪڙيون هڻائي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ فريادي دائود خان جي وڪيل سيد زاهد علي شاهه پنهنجا دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر ۽ غلام علي راڄپر شهيد صحافي علي شير راڄپر جي قتل ۾ نامزد ملزم آهن ۽ سندن ضمانت رد ڪري پوليس حوالي ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران جاچ ٽيم جي اڳواڻ ڊي ايس پي محمد ايوب درس ۽ انويسٽيگيشن آفيسر راجا نويد پنهنجو موقف پيش ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته ٻئي جوابدار قتل ۾ ملوث آهن ۽ انويسٽيگيشن لاءِ پوليس حوالي ڪيا وڃن. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد جوابدار جي ضمانت رد ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ٻئي جوابدار هاءِ ڪورٽ جي پروٽيڪٽ بيل تي هئا ۽ 18 مئي تي دهشتگردي ٽور عدالت نوشهروفيروز ۾ ڪچي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته اسان بيگناهه آهيون ۽ اسان کي دشمني تحت ڦاسايو ويو آهي. اسان جي ضمانت پڪي ڪري انصاف ڪيو وڃي جنهن جي ٻڌڻي اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي گذري جنهن تي عدالت ضمانت رد ڪري کين وڌيڪ جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.بعد ۾ ايس ايس پي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته جوابدارن جو هفتي جو رمانڊ ورتو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو