عدالت رانا جي گهر جي کاڌي بابت درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور(م ڊ) سيشن جج قيصر نذير بٽ جي عدالت جيل ۾ گهر جو کاڌو ڏيڻ بابت مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر رانا ثناءُ الله جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت 13 جولاءِ تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته هي مناسب فورم ناهي، اوهان جيل سپرنٽنڊنٽ سان رابطو ڪريو. رانا ثناءُ الله کي منشيات رکڻ جي ڏوهه ۾ پهرين جولاءِ تي اينٽي نارڪوٽڪس فورس گرفتار ڪيو هو. اي اين ايف موجب سندس گاڏي مان 15 ڪلوگرام هيروئن برآمد ٿي هئي. جنهن تي کيس عمر قيد يا 14 سال سزا ۽ 10 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ملي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو